لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويندو: عليمه خان

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته جيڪڏهن اهو ئي طريقيڪار رهيو ته لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ چيئرمين  کي جيل مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويندو، جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته جج صاحب فيصلو ڏنو آهي ته هاڻ اوپن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي، افسوس آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، هن چيو ته نگران وزيراعظم ۽ صدر کي سيڪيورٽي ملي سگهي ٿي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڇو نه؟ ٻئي پاسي بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جون ڀينرون ملاقات جي لاءِ اڊيالا جيل پهتيون، اڊيالا جيل ٻاهران مظاهرين جي ٻن گروپن نعريبازي ڪئي، هڪ گروپ بشريٰ بي بي جي حق ۾ ته ٻئي گروپ بشريٰ بي بي خلاف نعرا هنيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.