عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڊرائيونگ لائسنس برانچون قائم

ڪراچي (م ڊ)  سنڌ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڊي آءِ جي ڊرائيونگ لائسنس برانچز عرفان علي بلوچ جو وومن آن ويلز جي سلوگن سان قدم ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جنهن کي وومن امپاور منٽ جي حوالي سان تمام گهڻي پذيرائي ملي رهي آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي عرفان بلوچ چيو ته وومن امپاور منٽ تي پوري ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي، پر ان سلسلي ۾ وومنز آن ويلز جو سلوگن متعارف ڪرايو آهي جنهن کي پذيرائي ملي رهي آهي، هن چيو ته هڪ عورت کي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ يا گهرواري جي حيثيت سان گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ پٽ، ڀاءُ والد يا مڙس جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي يا ان جي لاءِ ڊرائيورز رکڻا پوندا آهن، اهڙي ڇوڪري يا عورت جيڪڏهن پاڻ گاڏي هلائڻ سکندي ۽ لائسنس حاصل ڪري وٺندي ته ان جي اندر خود مختياري ايندي ۽ هوءَ پاڻ کي ڪنهن جي محتاج نه سمجهندي، عورتون ڊرائيونگ لائنس حاصل ڪري آن لائن ٽيڪسي سروس جوائن ڪري سگهن ٿيون جنهن تحت هو پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي پاڻ ڪفالت ڪري سگهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.