مڪاني حڪومتون بااختيار بڻايو ته نون صوبن جي ضرورت نه پوندي: متحده جو سيمينار

ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته 18هين ترميم اختيارين جي منتقلي لاءِ هئي، اسان چاهيون ٿا ته وفاق سڌو سنئون لوڪل  گورنمينٽ کاتي کي فنڊ ڏئي،ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاران ”ضلعي خودمختياري، آئيني ذميواري“ عنوان تحت  سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اهڙي جمهوريت هجي جيڪا عام ماڻهو کي رليف ڏئي،ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو ته فنڊن جي منتقلي وفاقي فنانس ڪميشن مان ٿيندي آهي، صوبن اندر فنڊن جي منتقلي جو منصفانه ميڪنزم ناهي، وفاق کي گهرجي ته فنڊ سڌو سنئون ضلعي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪري.مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي کي وڌيڪ صوبا ٺاهڻ تي اعتراض آهي ته اها اسان جي تجويز ڪيل آئيني ترميم جي حمايت ڪري، پنج ماڻهن وٽ ملڪ جا سمورا اختيار ۽ وسيلا آهن، اهي پنج ماڻهو وزيراعظم ۽ وڏا وزير آهن، اسان جي پهرين تجويز اها آهي ته مقامي حڪومتن کي 35 کاتا لکي ڏيو، ٻي تجويز وفاق سڌو سنئون مقامي ۽ ضلعي حڪومتن کي وسيلا ڏئي، ٽين تجويز اها آهي ته مقامي حڪومتن جون چونڊون نه ٿيڻ تائين عام چونڊون ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجن، اهي تجويزون تسليم ڪرڻ سان نون صوبن واري ڳالهه پاڻهي ئي پوئتي هلي ويندي، سنڌ ۾ هر سال 1300 ارب رپيا هيٺين سطح تي ڏيڻ جو ڪو نظام ناهي، اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته سڌارن جو وقت اچي ويو آهي، مڪاني ادارن ۾ سڌارن جي وڏي ضرورت آهي.ايم ڪيو ايم هي تمام سٺو بل پيش ڪيو آهي ،فروغ نسيم چيو ته بلدياتي نظام ۽ اختيارن جو معاملو ناڪام ڇو آهي، بلدياتي وسيلا ۽ اختيار صوبن کي ڏيڻ سان پورو نطام ناڪام ٿيو، صوبائي حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو، استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عمران اسماعيل چيو ته پ پ جا دوست هن سيمينار ۾ نظر نه پيا اچن، ڪراچي کي هن وقت تباهه ڪيو ويو آهي، فاروق ستار چيو ته اسان جي تجويز ڪيل 26هين آئيني ترميم پاڪستان کي مشڪلات مان ڪڍندي،صوبائي خودمختياري جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، نواز ليگ به ان بل تي اسان جي حمايت ڪئي آهي.

  • ارڙھين ترميم کانپوءِ سڀ اختيار پ پ  حڪومت وٽ ھئا پر سنڌ تباھھ ٿيل آھي:اياز لطيف

حيدرآباد(ڳالھھ ٻولھھ: حسيب لطيفي) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو آھي تھ ارڙھين آئيني ترميم ھڪ سٺي ترميم آھي، جنھن ۾ صوبن کي اختيار ڏنا ويا، اسان جو تھ مطالبو آھي 1940ع جي قرارداد تحت صوبن کي خودمختياري ملڻ گھرجي، قومي عوامي تحريڪ سمجھي ٿي تھ ارڙھين ترميم ھجڻ گھرجي، واقعي اھو معاملو آھي تھ ارڙھين ترميم کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديليون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تھ اھو غلط عمل آھي، سموريون سنڌ دوست قومپرست، پروگريسو، وطن دوست جمھوريت پسند جماعتون ارڙھين ترميم کي ختم ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪنديون، پر جيڪڏھن پيپلزپارٽي جو دفاع ڪرڻو آھي تھ پوءِ ان سازش جو حصو ناھي بڻجڻو، پيپلزپارٽي پاڻ کي مظلوم ڏيکارڻ ۽ پنھنجا سڀ گناھھ لڪائڻ جي لاءِ اھڙا شوشا ڇڏيندي آھي. اھڙو اظھار ھن پنھنجي آفيس ۾ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھھ ٻولھھھ ڪندي ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تھ ارڙھين ترميم تھ سٺي آھي، پر ائين کڻي چئجي تھ ارڙھين آئيني ترميم جي ذريعي جيڪي بھ فنڊ ۽ ناڻو آيو اھو اسان محنت ڪش مزدور طبقي گڏجي پاڪستان جي ڪرپٽ حڪمرانن کي ڏئي ڇڏيو ۽ اھو چيو تھ ھونئن توھان 60 روپيا کائي رھيا ھئا ھاڻ توھان کي ميڙي  اسان ھڪ سئو روپيا ڪري ٿا ڏيون. ھن چيو تھ ھن وقت ارڙھين ترميم جي ڪري ايندڙ فنڊ غلط استعمال پيا ٿين پر اڳتي ھلي درست استعمال ھيٺ ايندا. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ ارڙھين ترميم ختم بھ پيپلزپارٽي وارا ئي ڪرائيندا، ڇو تھ اسيمبلين ۾ اھي ئي ويٺا آھن، انھن جي مرضيءَ کانسواءِ تھ ارڙھين ترميم ختم نھ ٿيندي، پيپلزپارٽي وارا رضامندي تحت ڪجھھ وزارتون ۽ حڪومت وٺي ارڙھين ترميم تان ھٿ کڻي ويندا، ان ڪري ضروري آھي تھ سنڌي پنھنجا صحيح نمائندا چونڊين، ھن چيو تھ پيپلزپارٽي چونڊن وارن ڏينھن ۾ اھڙا شوشا ڪڍندي آھي جنھن جو مقصد اھو ئي ھوندو آھي تھ پيپلزپارٽي مظلوم ٿي ڪري سنڌ جي حقن جي چئمپين بڻجڻ جي ڪوشش ڪري، ان ڪري پيپلزپارٽي سنڌ ۾ اديب، اين جي اوز، صحافي، ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ عام ماڻھو استعمال ڪندي آھي تھ اھو تاثر وڃي تھ پيپلزپارٽي بس تلوار کڻي سنڌ جي ماڻھن جي لاءِ وڏي ڪا جنگ وڙھي رھي آھي ۽ وفاق ۾ ويٺل عمران خان يا نواز شريف وڏو ظلم ڪري رھيو آھي. ھن چيو تھ ارڙھين ترميم کانپوءِ سڀ اختيار سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت وٽ ھئا، پر سنڌ تباھھ ٿيل آھي، پاڻي، تعليم ۽ صحت جون سھولتون ناھن، روڊ رستا کنڊر بڻيل آھن، آبپاشي، ھاءِ وي ۽ ٻيا سمورا ادارا تباھھ آھن. ھن چيو تھ ٿي سگھي ٿو تھ پيپلزپارٽي ھٿرادو ارڙھين ترميم کي ختم ڪرڻ وارو اشو اٿاريو ھجي تھ جيئن پيپلزپارٽي جون سڀ خرابيون ۽ گناھھ لڪي وڃن، ھن چيو تھ پيپلزپارٽي کي ارڙھين ترميم جو فڪر ان ڪري ناھي تھ ھو ارڙھين ترميم جي ذريعي ماڻھن جا ڪم ڪندا، پر پيپلزپارٽي ان ڪري فڪرمند آھي تھ ڪرپشن ڪرڻ جي لاءِ اسان کي وڌيڪ رقم ملندي، ھنن کي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪرڻو ڪجھھ بھ ناھي. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ پيپلزپارٽي، (ن) ليگ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، جي يو آئي ۽ ٻين اقتداري سياسي ۽ مذھبي جماعتن ڳوٺاڻي سنڌ جي مسئلن جي لاءِ پنھنجي منشور ۾ ڪا ڳالھھ ناھي لکي ۽ جن ڊرامي طور ڪا ڳالھھ ڏني آھي تھ ان جي عمل ناھي ڪيو، پيپلزپارٽي جي منشور ۾ سنڌ جي ماڻھن جي سنڌ تي حق حڪمراني، روزگار، ميرٽ ۽ بنيادي سھولتن جي ڪا بھ ڳالھھ ناھي، پيپلزپارٽي جھڙين جماعتن کي اقتدار لٽڻ ۽ ڦرڻ جي لاءِ گھرجي، سنڌي ماڻھو پيپلزپارٽي جي منشور ۾ شامل ناھن، ڪرپشن، سنڌين  جا ڳوٺ ڊاهڻ، سنڌ جي حقن تي ڌاڙي خلاف اسان سڀ ھڪ آھيون، سنڌ جون ساڃاھھ وند ڌريون ان ڳالھھ تي متفق آھن تھ سنڌ جي وڏن شھرن تي سنڌ جي ماڻھن جي مالڪي ھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.