سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جو بحران برقرار، ڊيلر مافيا کي ڇوٽ، مظاهرا، ڪُنري ۾ ڇڪتاڻ

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جو بحران برقرار آهي، آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، ڊيلر مافيا کي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، مختلف شهرن ۾ آبادگارن ۽ هارين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته ڪنري ۾ ننڍن آبادگارن يوريا ڀاڻ سان ڀري  10 ويلر ٽرڪ کي روڪي ورتو، ڪيترائي ڪلاڪ ڇڪتاڻ جاري رهي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ڪنري، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ ڀاڻ جي کوٽ برقرار آهي، ڪنري ۾ يوريا ڀاڻ سان ڀريل ٽرڪ آبادگارن پاران شھر کان ٻاهر قاضي موڙ وٽ روڪي ورتو، اطلاع ڪرڻ بعد پوليس پهچي ٽرڪ کي شھر ۾ آڻي واپاري جي گودام تي بيھاري ڇڏي، اطلاع تي آسپاس جي علائقن مان وڏي تعداد ۾ آبادگار پھچي ويا، ٽرڪ بيھارڻ کانپوءِ انتطاميه غائب ٿي وئي ۽ وڏن ۽ ننڍن آبادگارن ٽرڪ کي گھيري ورتو جنھن دوران آبادگارن ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، مسلسل 5 ڪلاڪن تائين آبادگارن ۾ ڀاڻ جي سرڪاري اگھه تي ورھاست لاءِ ڇڪتاڻ جاري رهي، ان دوران آبادگارن ۾ ڏند چڪ ٿيندي رھي، آبادگارن احتجاج ڪندي دانھون ڪيون ته ڀاڻ بااثرن کي ملي ٿو، اسان جا فصل سڪي ويا آھن، ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، ڀاڻ ڏيو يا جيل موڪليو، روزانو ڀاڻ بااثرن کي ملي ٿو ۽ ننڍا آبادگار ڀاڻ لاءِ پريشان رهون ٿا، پني عاقل ۾ زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، زرعي يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڄاڻائي پنھنجي ڀانڊن ۽ گودامن ۾ لڪائي بليڪ مارڪيٽنگ ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي 34 سؤ واري يوريا ڀاڻ جي ٻوري 47 سؤ کان 50 ھزار ۾ وڪرو ڪرڻ جو سلسلو رکي ڇڏيو، آبادگار ۽ ھاري ويچارا مجبور ٿي پنھنجي ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن کي آباد ڪرڻ لاءِ کين کان ھڪ ھزار کان 12 سؤ روپيا وڌيڪ تائين خريد ڪري رهيا آهن، زرعي يوريا ڀاڻ ڊيلرن ۽ واپارين جو چوڻ آهي ته جنھن به آبادگار ۽ ھاري کي سرڪاري ريٽ تي يوريا ڀاڻ گھرجي ته اھو مختيارڪار کان چورائي ته ان کي ئي سرڪاري ريٽ تي ڏنو ويندو، آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته زرعي آبادگار ۽ ھاري ملڪ جي معشيت جي ريڙھ واري ھڏي جي مثال آھن جيڪي ملڪ کي روينيو ڏيندڙ آھن پر افسوس جو ھن ملڪ جي آبادگارن کي ھڪ سازش ڪري کين جو معاشي قتلي عام ڪري رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.