جسٽس مظاهر نقوي استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو!

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي  الزامن جو مقابلو ڪرڻ بدران استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو.

نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته جسٽس مظاهرو علي نقوي  هڪ رٽائر جج ۽ ٻن اهم قانوني دماغن سان ڊگهي صلاح مصلحت ڪئي آهي.

جتان کيس مشورو مليو آهي ته جيڪڏهن ڪو الزام ثابت ٿيو ته اوهان کي هٽايو ويندو. سڄي عمر لاءِ اوهان مٿان داغ به لڳي ويندو. پينشن ۽ مراعتن  کان به محروم ٿي ويندا. جڏهن ته استعيفيٰ ڏيڻ سان الزامن واري داغ کان به بچي ويندا ۽ پينشن ۽ مراعتون به بچي وينديون ۽ رٽائر تصور ڪيا ويندا.

انهن ٻن مشورن کانپوءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ جسٽس مظاهر نقوي ڪو به سر پرائيز ڏئي سگهي ٿو .

نوٽ: هيءَ روزاني عوامي آواز اربع 29 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.