عمران کي پارٽي سربراهي تان هٽائڻ جي درخواست،اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي پارٽي سربراهي تان هٽائڻ جي درخواست  جي ٻُڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪالهه اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 4 رڪني بينچ خالد محمود خان جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن ان تي مدعي کان جواب طلب ڪري ورتو هو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن ڪالهه به جواب جمع نه ڪرايو.

  • اليڪشن ڪميشن ۾ عمران ۽ ٻين خلاف سڀاڻي فردِ جرم لاڳو ڪيو ويندو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ ٻين خلاف فردِ جرم سڀاڻي لاڳو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌريءَ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪاز لسٽ مطابق اليڪشن ڪميشن جي توهين ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف اڻوڻندڙ ۽ غير پارلياماني زبان استعمال ڪرڻ تي انهن ٽنهي اڳواڻن خلاف ڪيس جي ٻُڌڻي سڀاڻي ٿيندي.

  •  سٺا طالبان ۽ خراب طالبان پاليسي دفن

لاهور (عوامي آواز نيوز)  آرمي چيف جنرل عاصم منير کي عهدو سنڀاليندي هڪ سال مڪمل ٿي چڪو آهي، ان دوران آرمي چيف جيڪي اهم ڪاميابيون ماڻيون آهن، انهن جو ذڪر ٿي رهيو آهي، نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته آرمي چيف  جي پهرين حاصلات اها آهي ته فوج اندر عمران وائرس  جو مڪمل خاتمو  ڪيو ويو آهي جڏهن ته  گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان واري پاليسيءَ کي جڙ کان ختم ڪري ڇڏيو ۽ بهتر طالبان جي نالي ۾ ڳالهين جا در مڪمل بند ڪيا ويا، اهڙي طرح بنا ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪرڻ جي گاڏين جو استعمال بند ڪرايو ويو، خاص طور ڊالر ۽ کاڌي  پيتي جي شين جي اسمگلنگ بند ڪرائي وئي آهي، جوانن کي اصل پيشور ڪم ۾ مصروف ڪيو ويو آهي ۽  فوجي مشقون شروع ٿي  ويون آهن، هڪ سال ۾ اهي آرمي چيف جون اهم حاصلات آهن جن جو اهم حلقن ۾ شد ۽ مد سان ذڪر ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.