بشريٰ بي بي ۽ عليمه خان ۾ پارٽي سربراهي تي جهيڙو شروع

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي قيادت سنڀالڻ لاءِ بشريٰ  بي بي ۽ عليمه خان ۾ جهيڙو شروع ٿي  چڪو آهي، نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته اهو واضح ٿي ويوآهي ته بشريٰ بي بي جي گاڏي جو گهيرو ڪندڙ ۽ عدت ۾ نڪاح نامنظور، ڪارو جادو نامنظور جا نعرا هڻندڙ ٽوپيون پاتل نامعلوم ماڻهون اصل ۾ عليمه خان جا حامي هئا. جنهن جي موٽ ۾ گذريل ڏينهن وري بشريٰ  بي بي جي حامين نعرا هنيا ته پارٽي چيئرمين ڪهڙو هجي، بشريٰ  بي بي  جهڙو هجي، عليمه خان جي اڳواڻي نامنظور ۽ عليمه خان هاءِ هاءِ چوندا رهيا، اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پي ٽي آءِ  ڪور ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تحت جمعي ڏينهن چونڊن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بظاهر سياسي وراثت تي جهيڙو آهي،پر خاور مانيڪا جي عدالت وڃڻ کانپوءِ پس منظر ۾ بشريٰ بي بي ۽ عمران خان جي ڀينرن ۾ مليڪت تي به تڪرار شروع ٿي چڪو آهي. هوڏانهن وڪيل شير افضل مروت به جيڪي سرگرميون ڪري رهيو آهي، انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شايد هو به پارٽي قيادت سنڀالڻ چاهي ٿو. ان ڪري وقت گذرڻ سان گڏ جهيڙي ۾ شدت اچڻ جا امڪان آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.