ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي قانون ۽ انساني حقن واري نگران وزير عمر سومرو جي صدارت هيٺ هيومن رائيٽس ڪمپلين سيل ۽ ٽريٽي امپليمينٽيشن سيل جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ اهم اجلاس ٿيو. انساني حقن واري کاتي جي آفيسرن مختلف کاتن کان عدم تعاون نه ڪرڻ جي شڪايت پڻ ڪئي. عمر سومرو اجلاس ۾ آفيسرن کي چيو ته هيومن رائيٽس ڊائريڪٽوريٽ جي ڪارڪردگي رپورٽ 30 ڏينهن اندر پيش ڪئي وڃي، هن چيو ته ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهيان، اسان کي ڪم ڏيکاريو وڃي، گھر ويھي پگھارون وٺڻ وارن ملازمن کي فارغ ڪيو وڃي، صوبائي وزير انساني حقن واري کاتي جي ڪال سينٽر جي غير فعال ٿيڻ تي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انساني حقن جا مسئلا اسان سڀني تي بار آهن، انهن کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو، چائلڊ پروٽيڪشن ٽيم دورو ڪري جن صنعتن ۾ گهٽ عمر جي ٻارن کان مزدوري ڪري رهيا آهن اتي ڪارروائي ڪئي وڃي.
-
اليڪشن ڪميشن نين تڪ بندين جي حتمي لسٽ سڀاڻي شايع ڪندي
اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن ڊجيٽل مردم شماري جي روشنيءَ ۾ ڪيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي نَون تڪ بندين جي حتمي اشاعت سڀاڻي ڪندي. اليڪشن ڪميشن موجب 8 فيبروري 24ع تي ٿيندڙ عام چونڊن جون تياريون زور شور سان جاري آهن. حتمي چونڊ فهرستن جي ڇپائي جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت کي هٿياربند فوج جي مقرريءَ لاءِ خط لکيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن پولنگ اسٽاف جي تربيت لاءِ منصوبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. سياسي پارٽين جي مشاورت سان ضابطه اخلاق جي منظور ڏئي ڇڏي آهي جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن جلد شايع ڪيو ويندو. بيلٽ پيپرز جي ڇپائيءَ لاءِ ضروري انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.