اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ ڊالر اگهه جو پڙاڏو، ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ تي احتجاج،جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جي ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي،هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ڊالر جي قيمت کي گهٽائڻو پوندو، ڊالر جي قيمت کي مصنوعي نه پر مناسب انداز ۾ گهٽائڻو پوندو.سينيٽر دلاور خان چيو ته ماضي جي حڪومتن ۾ اهڙي ڪڻڪ جو آرڊر ڏنو ويو جيڪا جانورن جي کائڻ جي به لائق نه هئي، ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ورڇ جو طريقو غلط آهي، ملڪ ۾ ڀاڻ به بليڪ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، حڪومت ڊيلرز کي پابند ڪري ته هو زميندارن جو رڪارڊ رکي.زرقا سهروردي چيو ته بليڪ مارڪيٽنگ سان ملڪ بدران ڪرپٽ ماڻهن جي آمدني وڌي ٿي ان کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان اسحاق ڊار چيو آهي ته عالمي مالياتي ادارا مون کي ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي جو دشمن سمجهن ٿا.پي ٽي آءِ حڪومت مالياتي اداري جي مشوري تي ڊالر ڇڏيو، اسان جو قرض ڪيترو وڌي ويو آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو حل اسان کي گڏجي سوچڻ گهرجي،اسان جي حڪومت ۾ مرڪزي بئنڪ جي مداخلت سبب ڊالر جو اگهه وڌڻ کان رڪجي ويو هو،هن چيو ته ملڪ ۾ مافياز آهن جيڪي ڏکيائيون پيدا ڪن ٿيون، اهي ملڪ بيوقوف آهن جتي ڪرنسي سالن تائين هڪ ئي شرح تي رهي.