شاپنگ مال ۾ فوتگين جو سبب ساهه ٻوساٽجڻ قرار، هنگامي رستي سميت بچاءُ جا اپاءُ نه هئا

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي بابت ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ( ڪي ايم سي ) جي فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ  رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 6 ماڙ شاپنگ سينٽر ۾ هنگامي بنيادن تي نڪرڻ جا ڪي به رستا نه هئا جڏهن ته حفاظتي اپاءَ به نه هئا، حادثي جي صورت ۾ بيڪ اپ بجلي جو نظام به موجو د نه هو. فائر برگيڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايمرجنسي ۾ بچاءُ جي رستن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ لائيٽون نه هيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته باهه لڳڻ سبب عمارت ۾ موجود 11 ڄڻا فوت ٿيا، 11 ماڻهو باهه لڳڻ نه پر ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا. شاپنگ مال ۾ 210 دڪان هئا، جن مان اڪثر کي بچائي ويو هو، مال ۾ باهه لڳڻ سبب 45 آفيس جا ملازم ڦاسي پيا، جن کي بچايو ويو، وينٽيليشن سسٽم نه هجڻ سبب مال دونهين سان ڀريل هو، باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ 8 فائر ٽينڊرز ڪم ڪيو، فائر برگيڊ کي اطلاع 6 لڳي 29 منٽن تي مليو. واضح رهي ته 24 نومبر تي ڪراچي جي راشد منهاس روڊ تي هڪ شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا، جڏهن ته فائر برگيڊ ۽ امدادي ادارن 40 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچائي ورتو هو. ٻئي پاسي واقعي جي جاچ لاءِ  ٽيڪنيڪل ڪميٽي جوڙي وئي آهي. نگران وڏي وزير جي حڪم تي ڪراچيءَ جي ڪمشنر، ڊي سي اوڀر الطاف شيخ جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ ڪي ايم سي جو چيف فائر  آفيسر، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر، خطرناڪ عمارت جي ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سي اي او فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ شامل آهن. ڪميٽي باهه جا سبب معلو ڪندي، جڏهن ته شاپنگ مال ۾ فائر فائيٽنگ سامان، فائر الارم نظام، فائر سيپريشن سسٽم ۽ ايمرجنسي ايگزٽ گيٽس جي انتظامن ۽ دستياتي جي جاچ پڻ ڪئي ويندي. جاچ ڪميٽي لاپرواهي ڪندڙ ذميوارن سميت خانگي فردن تي به ذميواري لاڳو ڪندي ستن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.