غزا ۾ جنگ بندي ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ

غزا (م ڊ) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ حماس غزا ۾ چئن ڏينهن جنگبندي ۾ واڌ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. جنهن بعد جنگبندي ۾ واڌ جي اميد پيدا ٿي وئي آهي. رپورٽ مطابق شروعاتي معاهدي تحت يرغمالين جو آخري گروپ سومر تي غزه مان نڪرڻ هو. آزاد ٿيل هر اسرائيلي شهري جي بدلي ۾ اسرائيل جي جيلن ۾ قيد 3 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي. اسرائيل آزادي ماڻيندڙ پنهنجي هر 10 قيدين جي عيوض غزا ۾ ويڙهه ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي وقفي جي آڇ ڪري رهيو آهي، هڪ فلسطيني اهلڪار بي بي سي کي ٻڌايو ته 20 کان 40 اضافي اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسرائيل عارضي جنگ بندي جي خاتمي بعد پوري طاقت سان حملن جي ڌمڪي ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.