غزا (م ڊ) اسرائيل فوج 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملي کان پوءِ اولهندي ڪناري مان 200 ٻارن، 80 عورتن ۽ 41 صحافين سميت 3200 فلسطيني شهرين کي گرفتار ڪيو آهي. اها ڳالهه الجزيره موجوده ۽ اڳوڻن فلسطيني قيدين جي معاملن بابت فلسطيني ڪميشن جي انگن اکرن جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌائي. رپورٽ مطابق 7 آڪٽوبر کان اولهندي ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس جي اوڀرندي حصي مان گرفتار ڪيو.