لاهور(م ڊ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت لاهور جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ڪار حادثي ۾ گرفتار جوابدار افنان شفقت جي والد شفقت اعواڻ جي عارضي ضمانت ۾ 4 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي. ياد رهي ته لاهور ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) جي فيز-7 ۾ روڊ حادثي جي ڪيس ۾ نامزد ننڍي عمر جي ڇوڪري افنان شفقت تي تيز رفتاري سان ڪار هلائڻ جو الزام هو جنهن حادثي سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ماڻهن جون جانيون هليون ويون،جڏهن ته عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت اعواڻ چيو ته اسان ڪنهن کي ڌمڪي يا آفر ناهي ڪئي، اسان جي ٻار غلطي ڪئي آهي، اهو هڪ حادثو هو، اسان پاڻ کي قانون حوالي ڪيو آهي، هن چيو ته جهڙي طرح ميڊيا ۾ اهو ڪيس هلايو پيو وڃي اهو بلڪل غلط آهي،ميڊيا مرچ مصالحي واريون خبرون نه هلائي، ان حادثي کانپوءِ ٽي چار هزار ٻار جيلن ۾ آهن،
سياسي حمايت يا فنڊنگ غير قانوني آهي،گهرو وزارت افغانين کي خبردار ڪري ڇڏيو
اسلام آباد ( م ڊ ) گهرو وزارت شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني پرڏيهين کي روزگار نه ڏنو وڃي. پنهنجي پڌرائي ۾ گهرو وزارت چيو ته غير قانوني پرڏيهي کي نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ مدد نه ڪئي وڃي، غير قانوني پرڏيهي يا ان جي ملازم جي ڄاڻ گهرو وزارت کي ڏني وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته قانوني ڪارروائي لاءِ وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود هيلپ لائن تي معلومات فراهم ڪئي وڃي. گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي سياسي، چونڊ سرگرمين ۾ ڪنهن به اميدوار جي حمايت يا فنڊنگ غير قانوني آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙين سرگرمين ۾ ملوث افغان شهرين کي ملڪ بدر ڪيو ويندو، ان جي پاڪستان ۾ قانوني حيثيت ڪهڙي به هجي.