حماس جو يرغمالين سان سهڻو سلوڪ، انٽرنيٽ سهولت به ڏني:اسرائيلي صحافي

تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي صحافي اعتراف ڪيو آهي ته حماس يرغمالين سان سٺو سلوڪ ڪيو آهي، ڪنهن به يرغمالي سان خراب  سلوڪ نه ڪيو آهي. هڪ اسرائيلي صحافي انهن ماڻهن جو ردعمل بيان ڪندي چيو ته يرغمالين تي حماس طرفان تشدد يا بدسلوڪي ناهي ڪئي وئي. مڊل ايسٽ مانيٽر جي رپورٽ موجب اسرائيلي چينل 13 جي ملٽري سان لاڳاپيل صحافي بين ڊيوڊ جو چوڻ آهي ته حماس اسرائيلي يرغمالين جو وڏو خيال رکيو. هن چيو ته ”مون انهن ماڻهن سان ڳالهايو جن کي آزاد ڪيو ويو ۽ انهن سڀني ساڳي ڪهاڻي کي ورجايو، انهن چيو ته حماس جي ماڻهن اسان جو خيال رکيو، کاڌو مهيا ڪيو ۽ دوا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،“ هن چيو. هن وڌيڪ چيو ته حماس جي ميمبرن يرغمالين کي ڪميونٽي وانگر گڏ رکيو، ليڪچر جو بندوبست ڪيو ۽ يوٽيوب تائين رسائي فراهم ڪئي.  هن وڌيڪ چيو ته ‘يوشيوڊ لفشٽز ڪوڙ نه ڳالهايو’ هو. ‘يوشيوڊ لفشٽز Yoshivid Lifshitz نالي هڪ عورت کي حماس جنگبندي معاهدي کان اڳ انسانيت جي بنياد تي آزاد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.