آصف زرداري جي ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي: خورشيد شاهه

سکر ( رپورٽر )  پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته آصف زرداري جي ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. سکر ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته بلاول ڀٽو وزارت عظميٰ جو اميدوار آهي، آصف زرداري ڇا چيو ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي،  فيصلو سي اي سي ڪندي آهي، آصف زرداري اعلان ڪندو ته طريقيڪار تبديل ٿي ويندو، ان حوالي سان آصف زرداري چيو آهي ته هو اميدوار نه آهي. خورشيد شاهه چيو ته ميان صاحب 2014ع ۾ نعرو ڏنو هو، ووٽ کي عزت ڏيو، ڇا اوهان ڏئي رهيا آهيو؟ اوهان جا ماڻهو چون ٿا ته اسان اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو آهيون ۽ اسٽيبلشمينٽ اسان سان گڏ آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته اسان نظرياتي سياست ڪندا آهيون ۽ اسان جي اڳواڻن پنهنجا واعدا پورا ڪيا آهن، ڪا ٻي پارٽي ٻڌائي ته ان پنهنجي منشور تي عمل ڪيو آهي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ رهي، هاڻي ووٽن لاءِ وڃي رهي آهي ته پوءِ ڪو ڊرامو ته ڪندي، ڪراچي اسان جو ۽ اسان ڪراچي جا آهيون. پ پ اڳواڻ آزاد شفاف چونڊون اليڪشن ڪميشن لاءِ چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.