اسلام آباد ( م ڊ ) فيض آباد ڌرڻي جي جاچ ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب انڪوائري ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم کي 29 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2017 ۾ راولپنڊي پوليس چيف اسرار عباسي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو هو. واضح رهي ته فيض آباد ڌرڻي جي وقت شاهد خاقان عباسي وزيراعظم هو، هو آگسٽ 2017ع کان 31 مئي 2018ع تائين وزيراعظم رهيو. ياد رهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪميشن اڳوڻي آءِ جي اختر علي شاهه جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي آهي.