ڪرشنا ۽ ويرجي ڪولهي سروي زمين تي ماڻهو ويهاري ڇڏيا، ٻاوا برادري جو احتجاج

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:غازي بجير)اسلام ڪوٽ ۾ پ پ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ۽ ڀاءُ انساني حقن جي اڳوڻي صلاحڪار ويرجي ڪولهي غريبن جي سروي زمينن تي زبردستي ماڻهو ويهاري قبضو ڪري ورتو، جنهن خلاف  ٻاووا برادري جي ماڻهن احتجاج ڪيو آهي. اسلام ڪوٽ شهر ۾ پ پ جي سينيٽر ڪرشنا ڪماري ۽ سندس  ڀاءُ انساني حقن جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي غريب ٻاووا برادري جي سروي زمين تي زوري زبردستي قبضو ڪرائي پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن، شهر جي مين  گيٽ کان مٺي طرف ويندڙ روڊ جي اُڀرندي پاسي عورتن ۽ مردن قبضو ڪري گهر ٺاهي اُن کي ڪالوني جو درجو ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ويٺل ماڻهن عورتن کي استعمال ڪندي لٺيون ۽ ڪهاڙيون هٿن ۾ ڏئي ڇڏيون آهن. جنهن سبب انتظاميا به اڳتي وڃڻ لاءِ تيار ناهي،جڏهن ته شهر جي لوهاڻا برادري جي بااثر ڪيلاش ڀُٽاڻي به ڄاڻايل زمين تي قبضي جي مالڪي ڪندي الڳ قسم جي ماڻهن کي قبضي واري هنڌ آڻي ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن بعد سروي ٻنين جي مالڪي ڪندڙ ٻاووا برادري جا ماڻهو انصاف لاءِ ڌڪا کائڻ بعد پريس ڪلب تي احتجاج لاءِ پهچي ويا. اُن سلسلي ۾ بيواھ گوري زال ستيگر،تيرٿ لال گر،سوائي گر،رميش گر،والم پوري،مدن گر،ڪندن گر ۽ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو. احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته اسان جي مائٽن جون 3 سروي نمبر ٻنيون آهن، هڪ سروي نمبر تي پ پ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ۽ ڀاءُ ويرجي ڪولهي قبضو ڪرائي پنهنجا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن. ساڳي ٻنيءَ تي بااثر ڪيلاش ڀُٽاڻي به مالڪي جي ڪوڙي دعوىٰ ڪري اُتي ڦُڏائي قسم جا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن،ڪرشنا ڪماري ۽ ويرجي ڪولهي برادري جي عورتن ۽ مردن کي لٺيون ڪهاڙي ڏئي ويهاريو آهي،جن اسان جي سروي زمين تي گهر ٺاهي ڇڏيا آهن،ڪولهي پاڻ چون ٿا اسان کي ڪرشنا ۽ ويرجي ڪولهي ڪالوني ٺاهي ڏني آهي،ڪيلاش ڀُٽاڻي به مئلن جون ملڪيتون هڙپ ڪرڻ سان گڏ قبضا ڪري رهيو آهي. ڪرشنا ۽ ويرجي ڪولهي پاڻ ننگرپارڪر هجڻ باوجود اسان غريبن جي ملڪيت تي اچي قابض ٿيا آهن.،مدد ڪري حق ڏياريو وڃي.

ڪولهي اڄ جا ويٺل ناهن،پيڙهين کان هتي ويٺل آهن: ڪرشنا ڪماري

اسلام ڪوٽ:رابطي تي پ پ سينيٽر ڪرشنا ڪماري عوامي آواز جي رابطي تي ٻُڌايو ته اسان تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن،اسان ڪنهن کي به ناهي ويهاريو،هي ڪولهي اڄ جا ويٺل ناهن،پيڙهين کان هتي ويٺل آهن،جنهن جي اسان باقاعده سپورٽ ڪيون ٿا،اگر زمين سروي آهي ته مالڪي ڪندڙ ڌُر ڀلين ڪاروائي وڃي ڪرائي،اسان برادري ناتي هنن جي مڪمل مدد ۽ سپورٽ ڪيون ٿا،آئون ايندي ويندي ويٺل ڪولهين وٽ ويندي آهيان،اسان سڄي ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ پنهنجن ماڻهن کي اهڙي نموني ويهاريو آهي،ريليون ڪڍڻ وارو عمل غيرقانوني آهي،اسان پنهنجن ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

ڪولهي برادري جي ماڻهن جي مدد ڪئي، قبضي جا الزام غلط آهن: ويرجي ڪولهي

اسلام ڪوٽ:انساني حقن جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار پ پ اڳواڻ ويرجي ڪولهي عوامي آواز کي ٻُڌايو ته اسان ڪٿي  به قبضو ناهي ڪرايو،اسان جي ڪولهي برادري جا ماڻهو اچي زمين تي ويٺا آهن مون قبيلي جا سمجهي اُنهن جي سپورٽ ضرور ڪئي آهي،باقي قبضي جو الزام ڪوڙو آهي،

مون تي الزام غلط آهن، ڪرشنا ۽ ويرجي منهنجي زمين تي به قبضو ڪيو آهي: ڪيلاش ڀٽار

اسلام ڪوٽ:ڪيلاش ڪمار ڀُٽاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي ته پ پ سينيٽر ڪرشنا ڪماري ۽ ڀاءُ ويرجي ڪولهي ٻاوون سان گڏ منهنجي زمين تي به قبضو ڪرائي ڪولهين  ي ويهاري ڇڏيو آهي،هن چيو ته ويرجي ڪولهي پاڻ مونکي چيو آهي ته اسان سرڪاري زمين سمجهي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي غلطي سان ويهاريو آهي، باقي ٻاووا برادري پاران مون تي هنيل الزام ڪوڙا ۽ غلط فهمي تي ٻڌل آهن. ٻاوون ۽ منهنجي زمين تي ڪرشنا ۽ ويرجي ڪولهي ڏنڊي جي زور تي قبضو ڪرايو آهي،مون عدالت ۾ به درخواست داخل ڪرائي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.