اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پنهنجو آئيني فرض پورو ڪري ته جيئن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورين پارٽين لاءِ ’ليول پليئنگ فيلڊ‘ کي يقيني بڻائي سگهجي.ڊان اخبار جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پاران وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتن کي سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ لاءِ لکيل خط ڪافي نه آهن.هن چيو ته انهن خطن جو ڪو به فائدو ناهي ڇو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف جاري جبر ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي.پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته موثر، عملي ۽ ٺوس قدم کڻي ۽ پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪري.