سرڪار غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي جا اعلان ڪري چپ ٿي وئي: صنعان قريشي

حيدرآباد(پ ر )جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته نگران سرڪار افغانين جي نيڪالي جا اعلان ڪري چپ ٿي وئي آهي، سنڌ اندر افغانين خلاف ڪنهن به قسم جو آپريشن نه پيو هلي،  جيڪا سنڌ جي وجود جي بقا ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو سمجهون ٿا، هن چيو ته ٻين صوبن ۾ افغانين خلاف آپريشن هلندڙ آهي ، افغانين جي سهولتڪارن خلاف به ڪاروايون ڪيون پيو وڃن، پر هتي سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به سرڪار جي ڪا به ڪارروائي نظر نٿي اچي، جنهن عمل خلاف جسقم جا ڪارڪن هر روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.