لاڙڪاڻو ( ن ع آ ) لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ سيکڙاٽ ڊاڪٽرياڻين عورت جي آپريشن دوران ٻارڙي کي اک ۾ قينچي هڻي ماري وڌو. شيخ زيد وومين اسپتال ۾ آپريشن لاءِ آيل ڳورهاري عورت جي آپريشن دوران سيکڙاٽ ڊاڪٽرياڻين ٻارڙي کي اکين ۾ قينچي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ٻارڙي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. ان حوالي سان فوتي ٻارڙي جي ڏاڏي شمس الدين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال انتظاميا کي چيو ته ننهن کي سيزر لاءِ آندو آهي، سندس آپريشن ڪيو، جنهن تي چيو ويو ته ننهن جي نارمل ڊليوري ٿيندي ان کانپوءِ رات جو 2 وڳي سيکڙاٽ ڊاڪٽرياڻين ننهن جو آپريشن ڪيو جنهن دوران ٻار نيڪال نه ٿي سگھيو ۽ ٻارڙي کي اک ۾ قينچون هڻي زخمي ڪيو ويو جنهن کان پوءِ چيو ويو ته ننهن کي خانگي سينٽر تي کڻي وڃ اسان وٽ سيزر جا اوزار ناهن.