ليول پليئنگ فيلڊ ۽ سليڪٽڊ پلس جون ڳالهيون چونڊن کي شڪي بڻائنديون : شاهد خاقان

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊ عمل تي آڱريون کڄيون ته اهو ملڪ جي مفاد ۾ نه هوندو،  ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن چونڊون شڪي ٿي ويون ته ملڪ نه هلندو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏهن ڪنهن به پارٽي کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ته پري جي ڳالهه آهي سادي اڪثريت به حاصل نه ڪري سگهندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ليول پلئنگ فيلڊ نه ملڻ جو بيانيو، لاڏلا ۽ سليڪٽڊ پلس جهڙيون ڳالهيون اليڪشن کي شڪي بڻائي ڇڏينديون، اهو ملڪ جي مفاد ۾ نه هوندو. تنهنڪري ان تاثر کي ختم جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾  اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سياست بلاول ڀٽو جي پارٽي جماعت جي آهي بلاول ڀٽو کي تسليم ڪرڻو پوندو، ڪو به اڪيلي سر طاقتور ناهي هوندو. نواز شريف جي مبينا ڊيل تحت واپسي بابت سوال تي شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف کي هڪ عدالت اشتهاري قرار ڏنو ۽ اڄ هڪ عدالت هي کيس ضمانت ڏني آهي. هن گڏيل حڪومت جي حمايت ڪندي چيو ته چونڊن ۾ ڪا به پارٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهندي ۽ چونڊن کانپوءِ گڏيل حڪومت ٺاهي ويندي، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪيا ويندا آهن،  شاهد خاقان عباسي انڪشاف ڪيو ته مون سان 30 هزار ووٽن جي دھاندلي ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه جو اعتراف هڪ پوليس آفيسر به ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.