اسحاق ڊار سينيٽ ۾ قائد ايوان نامزد، پ پ اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي اسيمبلي جو اسپيڪر بڻائڻ جي فيصلي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. خابرو اداري موجب اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو هو ته سينيٽر اسحاق ڊار کي قائد ايوان ۽ سينيٽر مانڊوي والا کي چيف وهپ ۽ مملڪتي وزير مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي نگران حڪومت جي ان فيصلي تي سوال اٿاريا آهن. هن چيو ته وزيراعظم اسحاق ڊار کي سينيٽ ۾ قائد ايوان نامزد ڪيو، کيس قائد ايوان بڻائڻ کانپوءِ ڇا بچيو آهي؟ هن چيو ته نگران وزيراعظم ن ليگ جي اهم ميمبر کي قائد ايوان ڇو بڻايو؟ اسان سمجهون ٿا ته نگران حڪومت غير جانبدار هوندي آهي، جيڪڏهن ليڊر آف هائوس ٺاهڻو هو ته آزاد سينيٽر کي ليڊر آف هائوس بڻايو وڃي ها. پ پ جي سينيئر اڳواڻ چيو ته اسان نگران حڪومت کان ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، اسان رڳو پنهنجي لاءِ نه پر سمورين سياسي پارٽين لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.