اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو رڳو پاڪستان آهي: جهانگير ترين

ڪامونڪي(م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو پيارو رڳو پاڪستان آهي ، ن ليگ ۽ آءِ  پي پي اسٽيبلشمينٽ جون لاڏليون ناهن، ڪامونڪي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان حڪومت ۾ اچي اهڙيون سرڪاري اسپتالون ٺاهينداسين جو ماڻهو ٻاهران معيار ڏسڻ ايندا ۽ پاڪستان کي دنيا جو مثالي زرعي ملڪ بڻائينداسين.عبدالعليم خان چيو ته اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ 10 سال ڏينهن رات محنت ڪئي، جڏهن عمران خان وزيراعظم ٿيو ته پنجاب ۾ بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ محمود خان کي وڏو وزير بڻائي ڇڏيو، جن وڏي ڪرپشن ڪئي،هن چيو ته فوج پي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ اڄ اهي مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ فوج خلاف ڳالهائي رهيا آهن ،اسان حڪومت ۾ اچي غريبن لاءِ مفت بجلي ۽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 50 هزار رپيا مقرر ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.