قبوليت واري لاڙي سان سياسي استحڪام نه ايندو: امير هوتي

ڪوئيٽا(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) اڳواڻ امير حيدر هوتي چيو آهي ته هو ملڪ جا  وفادار آهن، ڪنهن کي به وفاداري جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي.چمن ۾ اي اين پي جي جلسي کي خطاب ڪندي امير حيدر هوتي چيو ته هو افغانستان ۽ پاڪستان ۾ امن چاهيون ٿا. افغانستان مان ماڻهو صبح ۽ شام روزگار لاءِ اچن ٿا. نگران حڪومت کي سرحدن بابت پاليسيون ٺاهڻ جو اختيار ناهي.هن چيو ته شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن، عوام جي طاقت سان اسيمبلين ۾ وڃڻ گهرجي.اي اين پي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سليڪشن ٿيندي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ايندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.