ٿر جي واري تي برفباري، سيءُ ۾ رڪارڊ واڌ

مٺي ( ن ع آ ) اسلام ڪوٽ تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾  ٿيل برف باري ۽ ڳڙن سان برسات رهواسين جا سُور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تمام گهڻي تعداد ۾ پيل برفباري سبب ٿر جي زمين تي برف ڄمي وئي، ڪچا رستا به برف سان ڍڪجي ويا. ٿر ٽيڪنيڪل فورم جي  چيئرمين ۽ نوجوان ليکڪ ايڊووڪيٽ ديال صحرائي، نوجوان محقق عطا محمد رند، ھمير سومرو ۽ ٻين پنھنجي بيان ۾ چيو آهي ته گلوبل وارمينگ ۽ ماحولياتي بدلاءُ سبب ھلندڙ سياري جي اڻمندائتي برسات ماروئڙن جو تمام وڏو نقصان ڪيو آھي. هنن چيو ته حڪومت کي متاثرن جي ترت مدد ڪڻ گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته گذريل پنج سالن کان چوندا اچون پيا ته ارٿ راڊون لڳائي ڏيو. ٿر جي ڪوئلي مان ٺھندڙ بجلي مان اربين روپيا ڪمايو ٿا، جنهن ڪجهه حصو ٿر تي خرچ ٿيو ته ھر ڳوٺ تي لائيٽنينگ اريسٽر راڊس لڳي سگھن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.