ڪراچي / حيدر آباد / سکر ( نمائندن وٽان ) ٿر سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات ٿي آهي. وڄ ڪِرڻ جي واقعن ۾ پيءُ پٽ سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 9 زخمي ٿيا جڏهن ته 600 ڍور مري ويا. ٿرپارڪر ضلعي ۾ اڻمنڌائتي مينهن ماروئڙن جا سُور ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، سياري جي مُند جو پهريون ڳڙن سان زوردار وسڪارو ٿيو، اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ وي هنگورجا ۽ ٿرڪول بلاڪ ٽو سميت ويجهن علائقن ۾ برفباري ٿي، ٿر جي تاريخ ۾ پهريون وڏي تعداد ۾ ڳڙن سان گڏ ٿيل برفباري ماروئڙن کي پريشان ڪري ڇڏيو. ڇاڇري جي ڳوٺ وائوڙي دورا جي هاشم پاڙي ۾ گهر جي ڪکاوان چونئري تي برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب پيءُ پٽ فوت ٿي ويا، ٻارڙي بيهوش ٿي وئي، 75 سالن جو سليمان پٽ ماکن نهڙي ۽ پٽ 22 سالن جو رمضان پٽ سليمان فوت ٿي ويا ۽ 10 ورهين نينگري ڪلثوم بيهوش ٿي وئي، مليل ڄاڻ موجب ته ڳوٺ مھندري جو پار لڳ محب مجنو جي ڍاڻي ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب ھڪ عورت فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، هوڏانهن ننگرپارڪر جي ڳوٺ چونچا ۾ صبح سوير آسماني بجلي ڪرڻ سبب 17 ورهين جو نوجوان قلندر جوڻيجو فوت ٿي ويو،کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ 9 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، ننگر پارڪر لڳ ڳوٺ ويراواھ جي رھواسي مدد سمون ۽ صمد سمون جون 30 ٻڪريون ۽ رڍون کنوڻ ڪرڻ سبب مري ويون، ڇاڇرو جي ڳوٺ ريشم جو تڙ ۾ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي قربان سميجو جون ست ٻڪريون سڙي مري ويون، ڏاهلي تعلقي ڳوٺ لکاڻي پاڙو ۾ گهر تي کنوڻ ڪرڻ سبب ڪکاوان چونئرو سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺ ڪيريو ڏوهٽ ۾ وڄ ڪرڻ سبب پورهيتن جون 80 ٻڪريون مري ويون، ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ پيارو جي ڍاڻي لڳ آسماني بجلي ڪرڻ سبب ساوڻ نهڙي جون 10 رڍون مري ويون، ٿري هارين پاران فصل ڪڍي کَرن ۾ گڏ ڪيل اناج به برسات سبب خراب ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري کان پوءِ سيءُ وڌي ويو، ملير، گلشن اقبال، صدر، ڪلفٽن، ڊفينس، محمود آباد، نارٿ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل رهيو، بجلي جي اکٻوٽ به جاري رهي. ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ سانگهڙ ۾ برسات بعد بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، سجاول، جاتي، ڪيٽي بندر، ساڪرو ۽ گهارو جي مختلف علائقن ۾مينهن وسڻ کان پوءِ ٿڌ وڌي وئي. کيبر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ به گجگور سان تيز برسات ٿي.