ٿورو وقت اڳ جي ماڻهن جي ڳالهه ڪجي ته انهن کي اڄ جي ماڻهن جيان بلڊ پريشر، شگر ۽ ٻيا مسئلا نه هوندا يا تمام گهٽ ٿيندا هئا، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو به آهي ته ان وقت وارا ماڻهو هاڻوڪي دور جي ماڻهن وانگر چپس، برگر، پراٺا ۽ ٻيون تيز يا اڌ پڪل شيون نه کائيندا هئا نه ئي انهن جو گذارو چانهه بسڪيٽن تي هوندو هو. هڪ ته اهي تازيون ۽ بنا ملاوٽ واريون شيون کائيندا هئا ٻيو زمينن ۾ ٿيندڙ ميوا، ڦريون گوگڙيون وغيره ڪچا کائي پنهنجي هلڪي ڦلڪي بُک ختم ڪندا هئا، جنهن جي ڪري انهن جو جسم اڄوڪي دور جي ماڻهن جي جسم کان چنئوڻ پنجوڻ کان وڌيڪ مضبوط هوندو هئو ۽ انهن ۾ محنت وارو ڪم ڪرڻ جون صلاحيتون به وڌيڪ هيون.