شبير بجاراڻي جي ترجمان فوج ڏاهاڻي جي گرفتاري ظاهر

ڪنڌ ڪوٽ (نمائندن وٽان) اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي جي ترجمان فوج علي ڏاھاڻي جي پوليس گرفتاري ظاهر ڪندي مٿس 2 ڌار ڌار ڪيس به ظاهر ڪري ڇڏيا، فوج علي ڏاهاڻي مٿان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوڳاھي لاڙي وٽ پوليس چوڪي تي حملي جو فوج علي ڏاھاڻي سميت 10 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس فوج علي ڏاهاڻي مٿان بي سيڪشن ٿاڻي تي هڪ وڌيڪ ڪيس غيرقانوني غيرلائيسنس هٿيار سميت فوج علي ڏاهاڻي جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، ذريعن موجب بجاراڻي  هائوس جي ترجمان فوج علي ڏاھاڻي کي ڪجھه ڏينهن اڳ پوليس ۽ رينجرس گرفتار ڪيو ھو، ٻئي پاسي بجاراڻي  هائوس جي ترجمان فوج علي ڏاھاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڏاھاڻي برادري عدالت ٻاهران مظاھرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن اعجاز ڏاهاڻي، دلمراد ڏاهاڻي جو چوڻ هو ته پوليس ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.فوج علي ڏاهاڻي مٿان ڪوڙو ڪيس خارج ڪري انصاف ڪيو وڃي،وڪيلن موجب ڪنڌڪوٽ جي سيڪنڊ سول جج وٽ جوابدار فوج علي ڏاهاڻي کي جڏهن پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو ته فوج علي ڏاهاڻي جج کي مٿس ٿيندڙ تشدد جون دانهون ڪيون ۽ تشدد جا نشان پڻ ڏيکاريا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.