ڪراچي: ڊي سي ڏکڻ طرفان پوليو مهم ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ڏکڻ ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو طرفان (ڏکڻ پوليو چيمپيئنز) جي نالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب جو مقصد پوليو مهم دوران بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي جي حوصلا افزائي لاءِ انهن کي APPRECIATION CERTIFICATES ڏيڻ هو.
تقريب جا افتتاحي ريمارڪس ڊي ڊي پي او خالد خرم ۽ ڊي ايڇ او ڏکڻ راج ڪمار پاران ڏنا ويا.
صدر ۽ لياري ٽائون مان FLWs، AICs، AlSM ۽ UCO جي وچ ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، ڊي سي نامزد ڪيل عملي ۽ NIDs جي ضلعي ڏکڻ جي ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي انهن جي ڪوششن کي ساراهيو.
ڊي سي جي مثبت ريمارڪس سان سيشن جو اختتام ڪيو ويو، تقريب آرٽس ڪائونسل ڊسٽرڪٽ ڏکڻ ۾ ڪوٺائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.