اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) آرمي چيف جنرل عاصم منير اداري ۾ اهم ترقيون، مقرريون ۽ بدليون ڪري اداري تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. نامياري صحافي اسد علي طور جو چوڻ آهي ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه رٽارمينٽ کان اڳ اٽڪل 12 جنرلن کي ترقيون ڏئي ويو هو. ان ڪري جنرل عاصم منير کي پنهنجي اعتماد وارا آفيسر اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ ۾ سال لڳي ويو.
فوج ۾ آرمي چيف کانپوءِ اهم عهدو چيف آف جنرل اسٽاف جو هوندو آهي. جنهن تي ليفٽيننٽ جنرل اويس دستگير کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جنرل امداد حسين شاهه کي گجرانوالا جو ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ڪوئيٽا مان جنرل آصف غفور کي بدلي ڪري نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ صدر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ جنرل راحت نسيم کي ڪوئيٽا جو ڪور ڪمانڊر مقر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جنرل شاڪر الله خٽڪ کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي چيف هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا مقرر ڪيو ويو آهي.
ميجر جنرل محمد عقيل کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. ڪجهه ٻين جنرلن جون به مقرريون ڪيون ويون آهن، اهڙي طرح هاڻي چئي سگهجي ٿو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير اداري تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 25 نومبر 2023 تي شايع ٿي