اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۾ اختلافن سبب پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ بي چيني ۽ مونجهاري واري صورتحال آهي.
نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ڪافي عرصي کان بزرگ سياستدانن کي رٽائر ٿي گهر ويهڻ جو مشورو ڏئي رهيو هو. گذريل 16 مهينن واري پي ڊي ايم حڪومت دوران ساڳي ڳالهه پارليامينٽ ۾ به ڪئي هئي ته بزرگ سياستدان هاڻي نوجوانن کي موقعو ڏين.
ساڳي ڳالهه عوامي ميڙن ۾ به هن ورجائڻ شروع ڪئي، موٽ ۾ آصف زرداري تازو جيو ٽي وي تي حامد مير کي انٽرويو ڏيندي چيو ته بلاول گهڻو پڙهيل لکيل آهي، پر وٽس تجربونه آهي، سندس تربيت ٿي رهي آهي.
انٽرويو کان هڪدم پوءِ بلاول ڀٽو چونڊ مهم اڌ ۾ ڇڏي دبئي هليو ويو جنهن ڪري پيءُ پٽ ۾ اختلافن واري ڳالهه ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آهي. ڇو ته آصف علي زرداري به دبئي روانو ٿي رهيو آهي.
صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته هڪ ڳالهه واضح آهي ته بلاول ڀٽو جي موقف کي نوجوانن ۾ پذيرائي ملي رهي آهي. خاص طور پنجاب ۽ ڪي پي ۾ کيس وڏي موٽ ملي آهي. جڏهن ته آصف زرداري جي موقف کي موٽ ملڻ جا امڪان گهٽ آهن.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 25 نومبر 2023 تي شايع ٿي