اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ لفيٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته شهري عاطف علي جنرل رٽائر قمر جاويد باجوا، جنرل رٽائرڊ فيض حميد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪازلسٽ موجب، جنرل رٽائر قمر جايود باجوا ۽ جنرل رٽائر فيض حميد خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست 28 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست ٻڌڻي ڪندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست تي ايف آءِ اي، جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.