زمينن تي قبضن ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف جيئي سنڌ محاذ جي چوهڙ جمالي ۾ ريلي

چوھڙجمالي (پ ر )چوهڙ جمالي ۾ جيئي سنڌ محاذ سجاول پاران افغانين سميت سمورن ڌارين جي نيڪالي ۽ زمينن تي قبضن خلاف پارٽي چيئرمين رياض علي  چانڊيو جي قيادت ۾ ھاء اسڪول کان مدني چوڪ تائين مارچ ڪيو ويو،ريلي کي پارٽي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، نظير شيخ، رحيم جمالي، نعمان شوري، عرس ڪيھر ،وزير ميمڻ، واحد خاصخيلي، امجد شوري ۽ ٻين خطاب ڪيو آخر ۾ رياض چانڊيو چيو ته  افغاني 43 سالن تائين معاشي ۽ سياسي تباھي ڦھلائيندا رھيا آھن ھاڻ سياسي ۽ معاشي طور افغانستان مستحڪم آھي افغانين کي فورن اوڏانھن اماڻيو وڃي ته جيئن سنڌ جي ماڻھن جي معاشي حالت بھتر ٿئي سنڌ ۾ افغانين جي حمايت ڪندڙ سياسي ۽ مذھبي ڌريون ساڻن اسملنگ منشيات ۽ ٻين ڌنڌن ۾ شامل آھن پيپلزپارٽي ۽ مذھبي ڌرين کي ڪراچي ۾ افغانين جا ووٽ کپن ان ڪري اھي مقامي ڌرتي ڌڻين خلاف سازش پيون ڪن حڪمران غربت ختم ڪرڻ جي ٻجاء زرعي زمين به فوج جي حوالي ڪري رھيا آھن ان سان سنڌ وڌيڪ معاشي تباھي جو شڪار ٿيندي هن چيو ته حالت ھي آھي ته سنڌ جا وارث ھڪ ويلي جي ماني نٿا کائي سگھن زمينون ڌاريا کڻي ويا درياھ کسجي ويو،هن چيو ته  افغانين کي صرف پنجاب ڪي پي ڪي مان ڪڍيو پيو وڃي حڪمرانن کي محفوظ پنجاب کپي جڏھن ته سنڌ ۾ افغانين کي ڪڍڻ لاءِ سرڪار بلڪل سنجيده ناھي رياض چانڊيو سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته ھو ڌارين جي نيڪالي زمينن جي واپسي ۽ روزگار لاء جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان 26 نومبر تي حيدرآباد ۾ اعلانيل احتجاجي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن  نواز شاهه چيو ته سنڌين کي صفه ھستي تان ميسارڻ جي ڪوشش جاري آھي سمورا وسيلا اختيار ۽ دولت ڌارين تي خرچ ڪئي پئي وڃي سنڌ جا ماڻھو پنڻ تي مجبور ڪيا ويا آھن ھي وقت قومي اتحاد جو آھي اليڪشن جا نتيجا طئه ٿي چڪا آھن اسين روڊن تي اسيمبليون لڳائينداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.