اسٽيل مل بند آهي ته پوءِ ملازم اُتي ڇا پيا ڪن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پاڪستان اسٽيل مل ۾ 35 کان وڌيڪ موذن ۽ خطيبن جي پڪو نه ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواستگذارکان پڇاڻو ڪيو ته اسٽيل مل بند آهي، پيدوارنه ٿي رهي آهي ملامن کي اوهان پڪو ڪرائڻ آيا آهيو، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته اتي ڪيترائي ماڻهو ٺيڪي تي ڪم ڪري رهيا آهن، هنن ۾ موذن ۽ خطيب به آهن، عدالت چيو ته جڏهن اسٽيل مل بند آهي ته اهي ملازم اتي  ڇا ڪري رهيا آهن، درخواستگذار چيو ته مختلف مسجدون آهن جتي نمازون اداڪيون وينديون آهن، سپريم ڪورٽ اسٽيل مل معاملي تي سخت رمارڪس ڏنا، عدالت درخواست کي پهرين کان التواهيٺ درخواست سان گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.