غيرقانوني اڏاوت نه ڊاهڻ تي عدالت جي ايس بي سي اي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ

ڪراچي (رپورٽر) غير قانوني اڏاوت کي نه ڊاهڻ تي ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ، فوري طوري ڊاهڻ جو حڪم، بلڊر جي درخواست  رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسڪيم 33 ۾ غير قانوني تعمير ٿيل عمارت جو اڌ حصو نه ڊاهڻ تي ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ پٽي،ڊائريڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته عمارت خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو ويو آهي، انشاءُ الله عمارت جلد مسمار ڪئي ويندي جسٽس نديم اختر چيو ته انشاءُ الله چوڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو، آفيسن ۾ ويهڻ ۽ الله جي مرضي ڪندا رهيا ته ڪجهه نه ٿيندو، خدا جي مرضي کانپوءِ به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، جيڪڏهن تعميرات جي اجازت نه هئي ته اها ڪيئن ٺهي، بلڊر جي اهڙي عمل سبب عدالت وقت وٺي رهي آهي، جسٽس نديم اختر چيو ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو اٿو وڃي ڪريو، ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪريو، عدالت بلڊر جي عمارت ڊاهڻ کان روڪڻ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.