خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان مبينا اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدارن مٿان گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ بعد اغوا ۽ زيادتي جا الزام، ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ عبدالرزاق والا مان اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي طيبه ڌيءَ محمد سليمان والا فيملي جج مسز نور صبا جي عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته جوابدار ظفر علي، مير خان، اعجاز علي عرف پکي، مشتاق ۽ شهزادو بروهي گهر ۾ داخل ٿي ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جي ڦرلٽ بعد زبردستي اغوا ڪري مختلف هنڌن تي رکيو ۽ نشو ڏئي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، شاگردياڻي طيبه والا احتجاج ڪندي چيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، جوابدار ٻيهر اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.