خديجه شاهه جي نظربندي خلاف درخواست جو لکت ۾ حڪم جاري

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه جي نظربندي خلاف درخواست جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس  علي باقر نجفي خديجه شاهه جي مڙس جهانزيب امين جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو. عدالت لکت واري حڪم ۾ لکيو آهي ته درخواست مطابق ڊي سي لاهور انٽيليجنس ڪميٽي جي رپورٽ تي نظربندي جو حڪم ڏنو، ڊي سي کي تفصيلي رپورٽ ۽ جواب لاءِ نوٽيس جاري ڪيو وڃي ٿو. ڊي سي لاهور (اڄ) 22 نومبر تي تفصيلي رپورٽ ۽ جواب داخل ڪندو.

بي اي، ايل ايل بي امتحان روڪڻ خلاف درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بي اي، ايل ايل بي امتحان روڪڻ ۽ انرولمينٽ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف درخواست داخل، درخواست گذار ايس ايم لا ڪاليج جي شاگردياڻي فاطمه پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايس ايم لا ڪاليج جي 45 شاگردن کي امتحان ۾ ويهڻ کان نه روڪيو وڃي، ڌرين کي درخواستگذارن خلاف ڪارروائي کان به روڪيو وڃي ته عدالت سان رجوع ڪيو وڃي، ايس ايم لا ڪاليج ۾ ميرٽ جي بنياد تي 100 شاگرد داخلا جا حقدار آهن، بي اي ايل ايل بي جي امتحان ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وڃي، درخواست ۾ سنڌ حڪومت، پرنسپال ايس ايم لا ڪاليج، وائيس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

ڪراچي ۾ عورت جو لاش هٿ اچڻ واري معامري ۾ اڳڀرائي، مڙس جو بيان رڪارڊ

ڪراچي  (رپورٽر) ڪراچي پوليس ڊفينس فيز 7 ۾ ڊرم مان عورت جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي تي مقتولا عورت جي مڙس جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ ھو ته ته  حضرت الله ۽ صهيب کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، مقتولا جي مڙس جو بيان رڪارڊ ڪيو، جنهن ۾ مڙس منير ٻڌايو ته زال جو فون هڪ هفتي کان بند هو، هن وارثن کان پڇا ڳاڇا ڪئي جنھن بعد پوليس پاران اطلاع ڪرڻ تي روانو ٿيس، پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي جاچ ڪري رھيا آھيون جڏھن ته عادل نالي ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.