وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾ مقرر ڪمند جو اگهه گهٽائڻ جي ڪوشش، ايوان زراعت جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) نگران وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾ ھلندڙ سال مقرر ٿيل ڪمند جي امدادي اگھه 425 رپيا في مڻ کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ايوان زراعت سنڌ وفاق جي مداخلت کي غيرآئيني، غير قانوني قدم سميت 18ھين ترميم جي لتاڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاھد ڀرڳڙي پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته 21 نومبر تي وفاقي شگرايڊوائزري بورڊ جو اجلاس وفاقي وزير صنعت ۽ پيداوار گوھر اعجاز جي صدارت ھيٺ وڊيو لنڪ وسيلي ٿيو، جنھن ۾ سنڌ جي آبادگارن جي نمائندگي ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪئي، ھن چيو ته  اجلاس ۾ وفاقي وزير گوھر اعجاز نگران وزيراعظم جي ھدايت تي سڄي ملڪ ۾ ھلندڙ سال ڪمند جو امدادي اگھه ھڪ جھڙو مقرر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي چونڊيل صوبائي حڪومت پاران مقرر ڪيل امدادي اگھه 425 رپيا سان ھٿ چراند ڪندي مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي ايوان زراعت سنڌ احتجاج ڪندي وفاقي وزير گوھر اعجاز کي چيو ته 18 ترميم بعد زراعت کاتو صوبائي سبجيڪٽ آھي، ان ڪري اوهان وٽ صوبي جا معاملا ڏسڻ ۽ حل ڪرڻ جو آئيني اختيار نه آھي، جنھن بعد وفاقي وزير گوھر اعجاز سنڌ ۾ مقرر ٿيل ڪمند جي اگهھ ۾ ڦير ڦار ڪرڻ کان ھٿ کڻي ويو، ھن چيو ته موجوده نگران سنڌ سرڪار به اھو ئي اگھه برقرار رکيو آھي جيڪو گذريل حڪومت مقرر ڪيو هو، ھن چيو ته وفاقي حڪومت پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ھلندڙ سال ڪمند جو امدادي اگهھ 400 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، ھن چيو ته اجلاس ۾ پاسما وارن دانھون ڪيون ته انھن وٽ 5 لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ کنڊ جا ذخيرا موجود آھن، ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنھن کي وفاقي وزير رد ڪري ڇڏيو، ھن چيو ته ايف بي آر کان حڪومت پاران ڪيل جاچ موجب پاسما وٽ گذريل سال جي ڪريشنگ سيزن جا 9 لک 10 ھزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جا ذخيرا موجود ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جڏھن ته پاڪستان جي ماھوار ڪل کپت 5 کان 6 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ آھي، ھن چيو ته اجلاس ۾ وفاقي وزير پاسما کي آڇ ڪئي ته اھي 120 رپيا في ڪلو اگهه تي 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ حڪومت کي ڏين ته  اھا وٺڻ لاءِ تيار آھي، جنھن تي پاسما ڪابه رضامندي ظاھر نه ڪئي، ھن چيو ته اجلاس ۾ اھا ڳالھه سامھون آئي ته سنڌ ۾ ھن سال ڪمند جي پوک 27 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 19 سيڪڙو گھٽ ٿي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.