ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن جي پروموشن نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌايو ويو ته درخواستگذار ڊاڪٽر عائشه کي 2011ع ۾ گريڊ 17 ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ اڃا تائين ترقي نه ڏني وئي آهي، سرڪاري وڪيل پاران چيو ويو ته جناح اسپتال جا ملازم وفاقي حڪومت جا ملازم آهن.ان ڪری صوبائي حڪومت پروموشن نٿي ڪري سگهي، جي پي ايم سي جو معاملو پيچيده آهي، سپريم ڪورٽ ان کي وفاقي ادارو قرار ڏئي ڇڏيو، بعد ۾ وفاقي حڪومت هڪ معاهدي تحت ادارو صوبائي حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ان سڄي معاملي ۾ ملازمن جو ڪهڙو قصور آهي؟ صوبائي حڪومت درخواستگذار کي 18 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اهو واعدو ڪندي قانوني پوزيشن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي ها، عدالت حڪم ڏنو ته درخواستگذار جو پروموشن ليٽر ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ جمع ڪرايو وڃي.