اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، پهريون ڀيرو 58 هزارن جي حد پار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ زبردست تيزي اچي وئي، جنهن کانپوءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 58 هزار پوائنٽن جي حد پار ٿي وئي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل هڪ هفتي کان تيزي ڏٺي پئي وڃي، اربع ڏينهن به ڪاروبار دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏٺي وئي ۽ 100 انڊيڪس هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 664 پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس پهريون ڀيرو 58 هزارن جي سطح پار ڪري ويو، ان دوران 100 انڊيڪس نئين تاريخي بلندي 58 هزار 450 جي سطح تي پهتو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 827 پوائنٽون وڌيو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 58 هزار 198 تي بند ٿيو.
اڄ 59 ڪروڙ شيئرز جا سودا 22 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 121 ارب رپيا وڌي 8444 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.