ارڙهين ترميم سان هٿ چراند جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ساڃاھھ وندن، ارڙھين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديليون ڪرڻ واري سازشن کي وفاقي پارلياماني جمھوري نظام خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آھي تھ ارڙھين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديليون ڪرڻ جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا، اقتدار پرست سياسي جماعتون چونڊ مھم ۾ صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي ڳالھھ ڪرڻ بجاءِ  مليل ٿورا گھڻا اختيار بھ کسڻ گھرن ٿيون، ننڍا صوبا ڪنھن بھ صورت ۾ ارڙھين ترميم سان ھٿ چراند ڪرڻ کي قبول نھ ڪندا. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالھائيندي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو تھ گذريل پارليامينٽ جنھن قسم جي قانونسازي ڪئي ان مان محسوس ٿيو تھ ھنن پارليامينٽ جا سڀ اختيار اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن، نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ ايتري اڪثريت تھ نھ ڏياريندي، پر باپ، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آئي سميت ٻين پارٽين کي گڏائي ھو اقتدار حاصل ڪندو ۽ ان کانپوءِ واعدي موجب ھن جي ايجنڊا ھوندي تھ ادارن جي نجڪاري ڪجي، 40 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪئي وڃي ۽ 18 ھين ترميم کي ختم ڪيو وڃي، پر اھا ڳالھھ بھ ياد رکڻ گھرجي تھ (ن) ليگ کانسواءِ جيڪڏھن پيپلزپارٽي ۽ ان سان گڏ ٻين پارٽين کي اقتدار ڏنو ويو تھ اھي بھ ساڳيو ڪم ڪندا، ھي 18 ھين ترميم کي ان ڪري ختم ڪرڻ گھرن ٿا تھ جيئن اين ايف سي ۾ ردوبدل ڪري سگھجي ۽ صوبن جا وسيلا وڪرو ڪرڻ لاءِ وفاق جي قبضي کي قانوني شڪل ڏني وڃي. ھن چيو تھ (ن) ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آئي يا ٻيون مرڪزيت پسند جماعتون جمھوري جماعتون ناھن، اھي پارٽيون مختلف خاندانن جون ڪارپوريشنز آھن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ عوام جي ووٽ کي يرغمال بڻائي پنهنجا من پسند حڪمران عوام مٿان مڙهيندي رهي آهي، قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح کي زبردستي هارائي آمر کي اقتدار اعليٰ جو مالڪ بڻايو ويو، 71ع ۾ عوام جي اڪثريت کي نه مڃيو ويو، نتيجي ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. ان کانپوءِ مسلسل اسٽيبلشمينٽ عوام دشمن عمل جاري رکيو، عمران خان کانپوءِ هاڻي وري وزيراعظم نواز شريف کي بڻايو پيو وڃي، جنهن ايندي شرط سنڌ جو امن امان تباهه ڪندڙ ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪيو آهي، پيپلزپارٽي به اقتدار خاطر ايم ڪيو ايم کان وٺي ملڪ رياض تائين سمورن سنڌ دشمن مافيائن کي پنهنجي جهولي ۾ ويهاري تحفظ ڏنو. لولي لنگڙي 18 ھين آئيني ترميم منظور ٿي،. اقتداري سياسي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر قومن جي حقن ۽ صوبن جي خودمختياري کي نيلام ڪرڻ بند ڪن. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھي چيو تھ اسٽيبلشمينٽ جو پھرين ڏينھن کان اھو ڪم رھيو آھي تھ جمھوري وفاق کي ختم ڪجي ان جي لاءِ ھو مختلف طريقا بھ استعمال ڪندا رھيا آھن،  سنڌ جون سياسي ڌريون ۽ گھڻ گھرا تھ 18 ھين ترميم کان بھ وڌيڪ صوبائي خودمختياري جو مطالبو ڪندا آھن. ھن چيو تھ 18 ھين آئيني ترميم ۾ ٿورا گھڻا اختيار مليل آھن جيڪڏھن اھي بھ کسيا ويا تھ پوءِ ان جا نتيجا خراب نڪرندا، سنڌ 18 ھين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديليون ڪرڻ واري عمل خلاف مزاحمت ڪندي. نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو تھ اسٽيبليشمينٽ ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل بيوروڪريسي جي اھا پراڻي خواھش آھي تھ 18 ھين ترميم ختم ٿئي، پر ھي ڪو سادي اڪثريت سان ختم ٿيڻ وارو معاملو ناھي، ان جي لاءِ ٻھ ڏھائي 3 جي اڪثريت گھرجي. ھن چيو تھ 18 ھين ترميم جو ڪو ھڪ آرٽيڪل يا شڪ ناھي، ھن پورو ھڪ پروسيجر طئھ ٿيل آھي، ان جا ڪيترائي آرٽيڪلس ۽ ڪلاز آھن، سڄي ارڙھين ترميم کي ختم ڪرڻ ڪنھن جماعت جي لاءِ سولو ڪم ناھي، منھنجي خيال ۾ اسلام آباد وارا رڳو اين ايف سي ايوارڊ واري آرٽيڪل ۾ تبديلي آڻڻ گھرن ٿا ڇو تھ 18 ھين ترميم ۾ اھو طئھ ٿيل آھي تھ صوبن جو حصو گذريل اين ايف سي ايوارڊ واري حصي کان ڪنھن بھ صورت ۾ گھٽ نٿو ٿي سگھي.  ھن چيو تھ وفاق کي گھرجي تھ 18 ھين ترميم کي ختم ڪرڻ بجاءِ صوبائي کاتا جيڪي ھو پاڻ وٽ رکيو ويٺو آھي، اھي صوبن حوالي ڪري، انھن جي بجيٽ کي بچائي، بجاءِ سڄو کاتو پاڻ وٽ رکڻ تي وفاقي سطح تي انھن کاتن جا ننڍا سيل قائم ڪري، جيڪي انٽرنيشنل سطح تي رابطي وارو ڪم ڪن، ٽيڪسن ڪليڪشن وڌائي، جيڪي وفاقي ڪارپوريشنز 5 سئو کان ساڍا 5 سئو ارد روپيا ساليانو خساري ۾ آھن انھن جي نجڪاري ڪري. نامياري قانوندان ضمير گھمري چيو تھ نواز شريف جي اھا تاريخ رھي آھي تھ ھو ھر ڀيري نئون ٺاھھ ڪري ايندو آھي، ٿي سگھي ٿو تھ ھن ڀيري بھ نواز شريف ارڙھين ترميم کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديليون ڪرڻ جي لاءِ ڪا ڳالھھ ٻولھھ ڪري يا واعدا ڪري چڪو ھجي، ھاڻوڪي آدمشماري ۾ بھ نواز شريف سنڌ ۽ بلوچستان سان ناانصافي ڪئي آھي. ھن چيو تھ نواز شريف ۽ سينٽرل پنجاب وارا اقتدار کي پنھنجو حق سمجھن ٿا، ھو ٻئي ڪنھن صوبي يا علائقي مان وزيراعظم کي قبول نٿا ڪن. پورھيت مزاحمت تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ نثار لغاري چيو تھ 18 ھين ترميم کي ختم ڪرڻ سان مجموعي طور تي وفاقي جمھوري پارلياماني نظام کي نقصان ٿيندو، پاڪستان ۾ شامل قومن ۾ پيدا ٿيل بيچيني اڃا گھڻو وڌندي، صوبن ۾ وفاق جي حوالي سان بدگماني پيدا ٿيندي، اھڙن قدمن سان اڳ ۾ بھ وفاق کي نقصان ٿي چڪو آھي، جيڪڏھن ھڪ ڀيرو ٻيھر صوبن کي مليل ٿورا گھڻا اختيار ڦريا ويا تھ ان جا نتيجا خراب نڪرندا. ھن چيو تھ (ن) ليگ ھجي يا پيپلزپارٽي اقتدار پرست جماعتن جو رويو سدائين پاڪستان ۾ شامل قومن جي حوالي سان خراب رھيو آھي، اقتدار پرست جماعتون ڪجھھ بھ ڪري سگھن ٿيون، عوام ھنن جي ترجيح ناھي. قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان اشرف پليجو چيو تھ ارڙھين ترميم کي ختم ڪرڻ واري ڪوشش کي قبول نھ ڪيو ويندو، جيڪڏھن ڪا بھ سياسي جماعت اقتدار جي لاءِ ارڙھين ترميم خلاف سازش ڪندي تھ ان جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي. ھن چيو تھ قومي عوامي تحريڪ جو اھو موقف رھيو آھي تھ ننڍن صوبن کي اٽي ۾ لوڻ برابر ٿورا گھڻا اختيار 18 ھين ترميم جي ڪري مليا ھئا، پر پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت جي ڪري سنڌ جي ماڻھن کي 18 ھين ترميم جو فائدو نھ ٿي سگھيو، پيپلزپارٽي 18 ھين ترميم جو ناجائز فائدو ورتو ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪرڻ بجاءِ پنھنجن ذاتي مفادن کي تحفظ ڏنو، سنڌ ترقي نھ ڪري سگھي، اسان سمجھون ٿا تھ 18 ھين ترميم جي ذريعي صوبن کي مليل اختيار کسڻ وڏي غلطي ھوندي. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي کي جيڪڏھن اقتدار ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو تھ اھا بھ اقتدار ۾ اچي 18 ھين ترميم کي ختم ڪندي، ڇو تھ اقتدار خاطر پيپلزپارٽي ھر سنڌ دشمن منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندي رھي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.