ڪراچي : اورنگي ٽائون ڦر واقعي ۾ ايس ايس پي ڏکڻ ۽ ڊي ايس پي ڏوهي قرار، معطل

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر مان 60 کان 70 تولا سون ۽  2 ڪروڙ رپيا ڦر واري واقعي جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، انڪوائري رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته چوري ۾ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ملوث هئا. ڊي آءِ جي اولهه عاصم قائمخاني جاچ رپورٽ  آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي ڏکڻ عمران قريشي ۽ ڊي ايس پي يو ٽي عمير باجاري جي غفلت ۽ لاپرواهي جو ذڪر ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي. ميڊيا کي مليل 11 صفحن جي جاچ رپورٽ ۾ ضلعي ڏکڻ پوليس غيرقانوني ڇاپي کي ڦرلٽ قرار ڏنو ويو آهي، ڊي ايس پي يو ٽي عمير باجاري ، شاهين فورس جي اهلڪارن ۽ 5 خانگي ماڻهن کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. جاچ رپورٽ موجب اورنگي ٽائون ڦر ۾ ايس ايس پي ڏکڻ، ڊي ايس پي ۽ اهلڪار ڏوهي قرار ڏنا ويا آهن، رپورٽ ۾ ايس ايس پي ڏکڻ، ڊي ايس پي عمير باجاري جا بيان قلمبند ڪيا ويا. رپورٽ ۾ غير قانوني ڇاپي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر ۾ خانگي ماڻهو داخل ٿيا ۽ گهر جي تلاشي ورتي پر گهر مان ڪوبه غير قانوني سامان هٿ نه آيو. جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته گهر مان مليل رقم ڪاري ٿيلهي ۾ هئي ۽ اها رقم ڊي ايس پي يو ٽي عمير باجاري جي قبضي ۾ هئي جنهن کي هڪ ڏينهن بعد ايس ايس پي ڏکڻ ايس ايڇ او ڊفينس حوالي ڪئي ۽ ايس ايس پي ڏکڻ حڪم ڏنو ته اها رقم ايس ايس پي ويسٽ کي واپس  ڪئي وڃي. ڪيس جي جاچ آفيسر عاصم قائمخاني جاچ رپورٽ ۾ ايس ايڇ او ڊفينس شوڪت اعواڻ ۽ ايس ايڇ او پيرآباد عمران خان جا بيان به قلمبند ڪيا آهن. ايس ايڇ او ڊفينس جو چوڻ آهي ته اها رقم هڪ ڪروڙ 5 لک رپيا هئي جيڪا مون کي فراهم ڪئي وئي ۽ اها رقم ويسٽ پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڊي آءِ جي عاصم قائمخاني جاچ رپورٽ ۾ ڊي ايس پي عمير باجاري خلاف ڊپارٽمينٽل ۽ قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪندي چيو ته اهڙن سنگين ڏوهن ۾ پرائيويٽ ماڻهن کي به استعمال ڪيو ويو. هن جاچ رپورٽ ۾ لکيو ته ڇاپي ۾ موجود پرائيويٽ ماڻهن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاپي ۾ ڊي ايس پي اسٽاف پوليس اهلڪارن خرم علي ۽ فيضان علي خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته ايس ايس پي ڏکڻ پاران غفلت ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. هن ڇاپي ۾ تربيت يافته ٽيم نه موڪلي غفلت جو مظاهرو ڪيو.

تربيت هيٺ ڊي ايس پي ۽ اهلڪار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي حڪم تي ايس ايس پي ڏکڻ عمران قريشي کي عھدي تاڻ ھٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آهي جڏهن ته ڊي ايس پي يوٽي عمير بجاري کي به عھدي تان ھٽايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي ايس پي يوٽي عمير بجاري کي گرفتار ڪري لاڪ آپ ڪيو ويو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.