ڪجهه قوم پرست اڳواڻ مفادن خاطر پ پ جي حمايت ڪن ٿا: زين شاهه

سڪرنڊ(رپورٽ: لطيف جمالي)ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاھ سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سگھارا ادارا اڃان تائين  نه سڌريا آھن پري پلاننگ اليڪشن نتيجا ۽ پئسن تي وڪرو ٿيندڙ اليڪشن قبول ناهي، اھڙي نظام کي اليڪشن ڪمشنر ڪنٽرول نٿو ڪري سگھي ته پوءِ پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام سان اھڙو مذاق ھاڻي بند ٿيڻ گھرجي،هن چيو ته  عوام جو اليڪشن تان ويساھ کڄي چڪو آھي ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف اليڪشن جي ضرورت آھي نه ته ڪافي ملڪن ۾ بادشاھي نظام به سٺو ھلي رھيو آھي ، ھن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي نه رھي آھي ڪرپشن ڪندڙ سياستدانن ۽ ڪامورن لاءِ  احتساب روڪيندڙ ادارا سھولتڪاري ڪردار ادا ڪري رھيا آھن ، انھي سبب ڪرپشن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي ڇو جو سزا کان روڪرايو ويو آھي ، اسان جا ڪجھ قومپرست اڳواڻ سنڌ دوستن بجاء پنھنجن مفادن خاطر پ پ پ جي حمايت ڪن ٿا چند ماڻھن جي غلطيءَ جي سزا پوري پارٽي کي نه ملڻ گھرجي ، هن چيو ته پي ٽي آءِ سميت سڀني پارٽين کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملڻ گھرجي ، جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان اليڪشن ۾حصو وٺنداسون ڊسمبر جي مھيني ۾ سياسي جوڙ توڙ شروع ٿي ويندي پ پ پ جو زوال شروع ٿي چڪو آھي ھاڻ تبديلين جا نشان چٽا ٿي چڪا آھن ، سنڌ ۾ عوام دوست حڪومت ٺھندي ۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.