ويجهيار ڊيم جي متاثرن سان ڪمپنين جو ظلم، روزگار جا در بند، ڌرڻو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ويجهيار ڊيم جا متاثر 8 ورهين کان ڪمپنين جي عتاب هيٺ، روزگار جا در بند،ڳوٺن ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ڊيم جي مُک گيٽ تي سوين ماڻهن جو ڌرڻو، ٿرڪول پروجيڪٽ  کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڳوٺ ويجهيار ۾ سوين ايڪڙن تي ٺهيل ٻن وڏن ڊيمن جي ايريا جا ماڻهو ماڻهو 8 ورهين کان ڪمپنين ۽ ٺيڪيدارن جي ظلمن ۽ عتاب جو شڪار آهن، ڊيم مڪمل ٺهڻ باوجود ايريا جي 20 ڳوٺن جي هڪ به ماڻهو کي ڪمپنين روزگار ناهي ڏنو،ڊيمن کان ٿرڪول بلاڪ ٽو تائين ويندڙ پائيپ لائينن تي به ٺيڪيدارن پنهنجن من پسند ماڻهن کي ڊيوٽي تي لڳائيندي متاثر ڳوٺاڻن کي روزگار ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺن جي سوين ماڻهن هڪ دفعو ٻيهر ڪمپنين جي زيادتين خلاف ويجهيار ڊيم آڏو مُک گيٽ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو،ڳوٺاڻن مولانا تاج محمد سومرو، يوسي چيرمين يامين ڏوهٽ، عبدالرحمٰن دل، عبدالهادي سومرو، بائيخان سومرو،سروپ سنگھ ٺڪر ۽ ٻين ڪمپنين جي زيادتين ۽ روزگار ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته ٿرڪول بلاڪ ٽو کي پاڻي پهچائڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ ۾ سوين ايڪڙن تي 2 ڊيم ٺهيل آهن، ڊيمن کان بلاڪن تائين پائيپ لائينون وڇايل آهن، اُنهن پائيپ لائينن سميت ڊيمن تي اسان جي ماڻهن کي روزگار تي نٿو لڳايو وڃي،ڪمپنين ٺيڪو پنهنجي من پسند ٺيڪيدار کي ڏئي ڇڏيو آهي، ٺيڪيدار نواز سومرو پنهنجن گهرڀاتين کي لائينن تي لڳايو ڇڏيو آهي،هڪڙي هڪڙي گهرڀاتي جي نالي تي چار چار پگهارون جاري ڪيون پيون وڃن، ڊيم ٺهي کي 8 سال گذري ويا آهن پر جن زمينن مان پائيپ لائينون گذريون آهن اُنهن کي اڃان تائين معاوضو ناهي ڏنو ويو،سياسي ماڻهو ڪمشين عيوض ڪمپني ۽ ٺيڪيدار سان مليل آهن،ڪمپنيون جعلي نالن سان پئسا هڙپ ڪري رهيون آهن، اسان سان ظلم هلي رهيو آهي، دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير دانهن نه ٿو ٻُڌي، اسان جو مطالبو آهي ته ٺيڪيدار تبديل ڪري ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي، هوڏانهن اڳوڻي ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي جو پُٽ فقير راجا بلالاڻي به همدردي طور ڌرڻو واري هنڌ پهتو ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو،جڏهن احتجاج ڪندڙن پاران هنيم ڌرڻو اڻ اعلانيل مدي تائين جاري جو اعلان ڪيو آهي، ڌرڻو جاري رکيو ويو.

مون کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ احتجاج ٿي رهيو آهي: ٺيڪيدار

مٺي:الزام هيٺ آيل ٺيڪيدار نواز سومرو چيو آهي ته چور ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو مونکي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن،جيڪي  احتجاج جي ليڊ ڪري رهيا آهن،هي چاهين ٿا ته بليڪ ميل ڪري ڀتو وٺجي،پر آئون واضع چوان ٿو ته بتاخوري نه هلندي،هن چيو ته آئون لوڪل ٺيڪيدار آهيان،ويجهيار ڊيم ۽ پائيپ لائينن تي سمورا لوڪل ڳوٺاڻا لڳل آهن، جيڪي ماڻهو احتجاج ڪن پيا اِنهن جي ماڻهن اڳ ۾ چوريون ڪيون هيون جن تي چيلهار سميت اسلام ڪوٽ ٿاڻن تي ڪيس به داخل ٿيل آهن،باقي ڪجھه به ٿئي آئون هنن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس،

ويجهيار ڊيم سميت ٻين ٺيڪن تي پ پ جي نمائندن ڀتا مقرر ڪيا آهن: عبدالرزاق راهمون

مٺي:اڳوڻي ايم پي اي عبدالرزاق راهمون چيو آهي ته ويجهيار ڊيم سميت ٻين ٺيڪن تي پ پ جي نمائندن ڀتامقرر ڪري رکيا آهن، هو عوام جي حقن جي لتاڙ ڪندي ڪمپنين کان لکين رپيا وٺي پنهنجا گهر ڀري رهيا آهن،اسان بار بار رڙيون ڪيون پيا ته ٿرڪول منصوبن تي مقامي ماڻهن سان ظلم ۽ زيادتيون ٿي رهيون آهن،پر دانهن ڪنهن کي ڏجي هتي ٺيڪا به سياسي نمائيندن پنهنجن ڇاڙتن کي ڏياري ڇڏيا آهن،اسان عوام جي هر موقف جي ڀرپور حمايت ڪرڻ سان گڏ ڪمپنين جي ڏاڍاين جي مذمت ڪيون ٿا.

پيپلزپارٽي مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

مٺي:پ پ ٿر ويجهيار ڊيم سميت ڪول منصوبن تي مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جي جانچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،اُنهي  سلسلي ۾ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ۽ سينيٽر انجنيئر گيانچند ٿاهراڻي چيو آهي ته ٿرڪول منصوبن تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن سان ظلم ۽ زيادتين جي حد ڪري ڇڏي آهي،ويجهيار ڊيم جي ماڻهن جو احتجاج حق آهي،اُنهن سان ڪمپنين جون زيادتيون مذمت جوڳو عمل آهي، ڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي روزگار سميت ڪمن ڪارن ۾ مڪمل طور نظرانداز ڪري رهيون آهن،سڄو ڪم حصي پتي تي هلي رهيو آهي،اسان عوام جي هر موقف جي حمايت ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.