عمران دور ۾ فائدا ماڻيندڙ خاور مانيڪا خوف سبب وات کولڻ لڳو

لاهور(عوامي آواز نيوز)ناليواري وي لاگر عمران شفقت چيو آهي ته  خاور مانيڪا جو انٽرويو ڪو ڌماڪو ناهي، اڃا ته پارٽي شروع ٿي آهي، شاهزيب خانزاده ته سچ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇا اهو سچ ناهي ته بشريٰ بي بي طلاق ورتي، ناني ڏاڏي جي عمر جي هئي، ميري پاس تم هو ڊرامي ته هند سنڌ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.

هن چيو ته گهر ٽٽندا بڻجندا آهن، دنيا جي هر ڪنڊ ۾ اهڙن واقعن کي معيوب سمجهيو  ويندو آهي، شاهزيب خانزاده آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ خاور مانيڪا ماضي ۾ بشري ٰ بي بي  ۽ عمران خان جي پاڪ دامني جي گواهي ڏيندو هو، ساڍن ٽن چئن سالن کانپوءِ جڏهن مانيڪا جو گهيرو تنگ ٿيو ته کيس عمران ۽ بشريٰ ۾ خرابي نظر آئي.

  شاهزيب خانزاده سندس ماضي جي وڊيوز کي به سامهون آندو آهي، هاڻي ته خاور مانيڪا لاتعلق بڻيل آهي، خاور مانيڪا عمران حڪومت ۾ آفيسرن کي فون ڪندو هو، هن چيو ته خاور مانيڪا اصل ۾ هاڻي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، خوف تحت ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي،هڪ آفيسر ٻڌايو ته خاور مانيڪا جي گهر تي آفيسرن جي شراب ڪباب جي محفل هلي رهي هئي،عمران خان به آيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ بشريٰ بي بي جي ڪمري ۾ ”روحاني تربيت“ لاءِ هليو ويو،تڏهن خاور مانيڪا کي غيرت نه آئي.

صحافي عمر چيما چيو ته خاور مانيڪا جو انٽرويو منهنجي لاءِ نئون نه هو، عوامي شخصيتن جي ذاتي زندگين تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 22 نومبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.