آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کانپوءِ پهرين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ کانپوءِ آءِ سي سي پليئرز جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارت جي شُڀمَن گيل جي پهرين ۽ بابر اعظم جي ٻي پوزيشن آهي.
ٻنهي بيٽرز ۾ 2 رينڪنگ پوائنٽ جو فرق آهي، شُڀمَن گِل جون 826 ۽ بابر اعظم جون 824 پوائنٽون آهن.
ورلڊ ڪپ ۾ پليئر آف دي ٽورنامينٽ جي اعزاز ماڻيندڙ ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي جي ٽين ۽ روهت شرما جي چوٿين پوزيشن آهي، پاڪستان جو فخر زمان 14 هين ۽ آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ 16 درجا ترقي ڪندي 15 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ان کانسواءِ مارنس لبوشين 8 درجا ترقي ماڻيندي 22 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
بالرن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج جي پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ جو ٻيو نمبر آهي ۽ پاڪستان جي شاهين آفريدي هڪ درجو ترقي کانپوءِ نائين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
آل رائونڊرز ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن جي پهرين پوزيشن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.