ڪراچي(عوامي آواز نيوز) خاور مانيڪا جي انٽرويو بعد جيو ٽي وي جي اينڪر شاهزيب خانزاده جي سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ حامين پاران ٽرولنگ ڪئي پئي وڃي، کيس خراب لفظن سان نوازيو پيو وڃي، جڏهن ته شاهزيب خانزاده جي پنهنجي گهرواري سان انڊين گاني تي هڪ پارٽي ۾ ڊانس جي وڊيو به وائرل ڪئي وئي اهي، اينڪر طارق متين لکيو ته انٽرويو کانپوءِ سموري ذلت شاهزيب خانزاده ۽ ماينڪا جي حصي ۾ اچي رهي آهي،ذيشان بابر لکيو ته شاهزيب سمورن الزامن ۽ پراڻي وڊيو جو حوالو ڏنو ته خاور مانيڪا کي سچ ڳالهائڻو پيو، صحافي ماروي سرمد لکيو ته مان حيران آهيان ته جيو، ۽ منهنجو دوست شاهزيب خانزاده پنهنجي پليٽ فارم تي ائين ڇو ٿيڻ ڏئي رهيا آهن. توهان کي اهو ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ها ته اها ڳالهه موجوده سياست سان ڪيئن لاڳاپيل آهي ته عمران خان ڪنهن سان شادي ڪئي ۽ ڪيئن؟ خاور مانيڪا به اتي ڇو ويو؟عائشه صديقه لکيو ته ۽ خاور مانيڪا جهڙي بيوقوف ماڻهوءَ ڪڏهن به پنهنجي خاندان جي باري ۾ نه سوچيو جڏهن هو سرڪاري وفد ۾ شامل ٿي پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ سعودي عرب ويو ۽ پنهنجي ڌيءَ جي شادي پي ٽي آءِ جي زلفي بخاري سان ڪئي؟صحافي شاهين صهبائي لکيو ته ماڻهن جي ذاتي زندگين ۾ گند اڇلائڻ جيڪڏهن صحافتي ۽ اخلاقي اصولن جي مطابق آهي ته پوءِ سڀ تيار ٿي وڃن، جنرلن ۽ججن جون رنگين راتيون، مريم نواز جي شادي ۽ ٻارن جي پيدائش جون تاريخون، عورت رپورٽرن سان دوستيون، شهبازشريف جو لاتعداد شاديون، حمزا جا سٺا خراب شوق،ضياالدين اسپتال جون راتيون، فضل الرحمان جي مدرسن جا قصا، پرائيوٽ جهاز جي اچ وڃ، ٽي وي چئنل مالڪن جا ڏينهن ۽ راتيون، وڏن صحافين جون بيشمار زالون هر ٽاڪ تي هلنديون،صحافي رئوف ڪلاسرا هڪ ٽي وي شو ۾ چيو ته اميد ڪريون ٿا ته جيو ٽي وي شهبازشريف جي زال جي ان اڳوڻي مڙس جو انٽرويو به هلائيندي جنهن کان زبردستي طلاق ڏياري وئي
خاور مانيڪا جي ڳالهين کان پوءِ رياست مدينا جو نالو نه وٺڻ گهرجي: نواز شريف
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ٻاهر نڪرندي ئي صحافين ن ليگ قائد کي گهيري ورتو، هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان خاور مانيڪا جو انٽرويو ڏٺو آهي؟ جنهن تي نواز شريف چيو ته جي ڏٺو آهي. نواز شريف ڪنهن جو نالو کڻڻ بنا چيو ته هاڻ ان کي مديني جي رياست جو نالو نه وٺڻ گهرجي، صحافي سوال ڪيو ته هو مديني جي رياست جو نالو وٺندو هو پر ڇا هاڻ ان جو اصل چهرو سامهون اچي ويو؟ جنهن تي نواز شريف چيو مان ته چيو آهي جيڪي ڳالهيون هن ڪيون آهن، ان کانپوءِ مديني جي رياست جو نالو نه وٺڻ گهرجي.
خاور مانيڪا جي انڪشافن بعد عمران جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو: طلال چوڌري
اسلام آباد (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اڳواڻن جي ڪا ذاتي زندگي ناهي هوندي، خاور مانيڪا جي انڪشافن بعد پي ٽي آءِ چيئرمين جو اصل چهرو عوام آڏو اچي ويو آهي، ڪردار ۽ ڪارڪردگي ۾ نواز شريف جو ڪو مقابلو ناهي، اچو ته ڪارڪردگي ۽ ڪم جو مقابلو ڪريون، پوري توجهه مسئلن تي آهي. گذريل ڏينهن اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري اطلاعات چوڌري شهباز بابر سان گڏ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيري مريدي جهڙي معاملي کي به بدنام ڪيو ويو، جواب ڏيو ته نڪاح ٺيڪ آهي يا نه؟ طلال چوڌري چيو ته نواز شريف کان سڀ رسيدون گُهريون ويون اوهان به ته رسيدون ڏيو، ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪندڙن گذريل چئن چونڊن ۾ نواز شريف کي صرف هڪ چونڊ وڙهڻ ڏني وئي، کين ليول پليئنگ فيلڊ ان ڏينهن ياد نه رهي جڏهن اسان جي مائرن ڀينرن کي جيل موڪليو ويو، اڄ به اسان ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته (ن) ليگ کي ڪا سهولت نه گهرجي ۽ نه ئي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته معيشت کي جيڪڏهن ڪو ٺيڪ ڪري سگهي ٿو اهو نواز شريف ئي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين خاور مانيڪا جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي: شير افضل
راولپنڊي ( م ڊ ) پي ٽي آءِ جي وڪيل شير افضل وت چيو آهي ته پارٽي چيئرمين خاور مانيڪا جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وڪيلن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهي، هن جلسا ۽ جلوس توڙي ڪارنر گڏجاڻيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو پهريون اجلاس پهرين ڊسمبر تي پشاور ۾ ٿيندو ۽ پارٽي جلد سڄي ملڪ ۾ جلسن جو شيڊول جاري ڪندي، جيڪڏهن ملاقاتن ۾ رڪاوٽ آئي ته سپريم ڪورٽ ويندا. ان موقعي تي شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته خاور مانيڪا جو بيان ڪوڙو آهي. هن چيو ته ملڪ کي جمهوريت بدران تنزلي ڏانهن ڏڪيو پيو وڃي، تحريڪ انصاف کي مائنس ڪرڻ ۽ اڳواڻن جي گهرو معاملن ۾ ناجائز مداخلت ڪئي پئي وڃي.
خاور مانيڪا کان وڏو ڪو به ٿرڊ امپائر ناهي: عابد شير علي
اسلام آباد ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته خاور مانيڪا کان وڏو ڪو به ٿرڊ امپائر ناهي. مسلم ليگ ن جي عابد شير علي، طلال چوڌري ۽ عظميٰ بخاري الڳ الڳ بيانن ۾ خاور مانيڪا جي انٽرويو تي ردعمل ڏنو آهي. عابد شير علي چيو ته ٿرڊ امپائر ٻڌايو ته هن غير اخلاقي ڪم ڪيو، جيڪو سيتا وائيٽ کان به وڏو ڏوهه آهي. هن چيو ته خاور مانيڪا کان وڌيڪ ڪو به ٿرڊ امپائر ناهي، بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ٻيو ڪيس داخل ڪيو وڃي. عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪڏهن آمريڪا ته ڪڏهن نوڪر ٻاهر ڪڍي ٿو ڇڏي. هن چيو ته گهر جي پرائيويسي پيري مريدي جو تقدس هوندو آهي، هن اخلاقي قدرن کي نه ڇڏيو. طلال چوڌري چيو ته انٽرويو ذريعي پي ٽي آءِ چيئرمين بشريٰ بي بي. گوگي ۽ گجر جي مالي ڪرپشن تي مهر لڳي وئي.
خاور مانيڪا کي ميڊيا تي نه اچڻ گهرجي ها:نديم افضل چن
اسلام آباد(م ڊ) سياستدان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته پاڪستاني سياست ۾ عورتن خلاف مهم هلائڻ جي روايت خراب آهي، مريم نواز، بينظير ڀٽو سان جيڪو ٿيو غلط ٿيو، پاڪستاني سياست خراب ٿي چڪي آهي، ڪنهن خلاف به ٽرولنگ ناقابل قبول آهي، پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو ته سياسي اڳواڻن خلاف اهڙي مهم افسوسناڪ آهي، خاور مانيڪا کي ميڊيا تي نه اچڻ گهرجي ها، تاثر ڏنو پيو وڃي ته اها اليڪشن نه سليڪشن آهي،
عمران دور ۾ فائدا ماڻيندڙ خاور مانيڪا خوف سبب وات کولڻ لڳو
لاهور(عوامي آواز نيوز)ناليواري وي لاگر عمران شفقت چيو آهي ته خاور مانيڪا جو انٽرويو ڪو ڌماڪو ناهي، اڃا ته پارٽي شروع ٿي آهي، شاهزيب خانزاده ته سچ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇا اهو سچ ناهي ته بشريٰ بي بي طلاق ورتي، ناني ڏاڏي جي عمر جي هئي،ميري پاس تم هو ڊرامي ته هند سنڌ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هن چيو ته گهر ٽٽندا بڻجندا آهن، دنيا جي هر ڪنڊ ۾ اهڙن واقعن کي معيوب سمجهيو ويندو آهي، شاهزيب خانزاده آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ خاور مانيڪا ماضي ۾ بشري ٰ بي بي ۽ عمران خان جي پاڪ دامني جي گواهي ڏيندو هو، ساڍن ٽن چئن سالن کانپوءِ جڏهن مانيڪا جو گهيرو تنگ ٿيو ته کيس عمران ۽ بشريٰ ۾ خرابي نظر آئي، شاهزيب خانزاده سندس ماضي جي وڊيوز کي به سامهون آندو آهي، هاڻي ته خاور مانيڪا لاتعلق بڻيل آهي، خاور مانيڪا عمران حڪومت ۾ آفيسرن کي فون ڪندو هو، هن چيو ته خاور مانيڪا اصل ۾ هاڻي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، خوف تحت ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي،هڪ آفيسر ٻڌايو ته خاور مانيڪا جي گهر تي آفيسرن جي شراب ڪباب جي محفل هلي رهي هئي،عمران خان به آيو ۽ ٿوري دير کانپوءِ بشريٰ بي بي جي ڪمري ۾ ”روحاني تربيت“ لاءِ هليو ويو،تڏهن خاور مانيڪا کي غيرت نه آئي،صحافي عمر چيما چيو ته خاور مانيڪا جو انٽرويو منهنجي لاءِ نئون نه هو، عوامي شخصيتن جي ذاتي زندگين تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي،