ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي ارڙهين ترميم جي حوالي سان ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، صارف رياض اڄڻ لکيو ته ننڍن صوبن جي تناظر ۽ ضياء کانپوءِ وارن ڏهن سالن جي جمهوري تجربي ۽ مشرف جي دور جي اٽڪلن جي پس منظر ۾ 18 آئيني ترميم هڪ وڏي ٻرانگھ هئي پر ان جا ثمرات عام ماڻهن تائين ڪونه پهتا. ٻيو ته 2013 کانپوءِ ساڄي ڌر جي مرڪزيت پسند جماعتن جي حڪومتن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مداخلت جاري رکي،پي ايس پي جي اڳوڻي اڳواڻ رضا هارون لکيو ته نئين ترميم اچي سگهي ٿي ۽ آئين ان کي ڪجهه شرطن سان پارليامينٽ جي ٻه ڀاڱي اڪثريت سان اجازت ڏئي ٿو. پر اهو سڀ ڪجهه هاڻي 31هين ترميم سان ٿيندو. 18 هين ترميم ماضي ٿي وئي ،عورت اڳواڻ امر سنڌو لکيو ته عمران پراجيڪٽ کانپوءِ ھاڻ نواز پراجيڪٽ جو واحد مقصد 18هين ترميم رول بيڪ ڪرائڻ آھي،صحافي قاضي آصف لکيو ته نگران حڪومت کان اين ايف سي ايوارڊ به برداشت نه پيو ٿئي