ڪراچي ( رپورٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد شاهنواز ڀٽو جيڪڏهن ضياءَ رجيم هٿان شهيد نه ٿئي ها ته اڄ سندس 65 هون جنم ڏهاڙو ملهايون ها، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران شاهنواز ڀٽو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته شهيد شاهنواز ڀٽو قائد عوام جي نقش قدم تي هليو ۽ عوام جي حقن جي جنگ ۾ بهادريءَ سان بيٺو. آمريتي حڪومت توهان جي جمهوري انقلابي سوچ کان ڊڄندي هئي. بلاول ڀٽو زرداري بيان ۾ چيو ته ملڪ ۾ مضبوط جمهوريت، آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي ۽ برابري تي ٻڌل سماج جي قيام لاءِ جدوجهد شهيد شاهنواز ڀٽو کي بهتر انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي برابر آهي.