ڪراچي ( رپورٽر ) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اميگريشن ونگ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران شڪ جي بنياد تي پاڪستاني پاسپورٽ سان گڏ افغاني مسافر کي گرفتار ڪري ورتو. ڪراچي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي اميگريشن ڪارروائي دوران پاڪستاني پاسپورٽ تي سعودي عرب ويندڙ پرڏيهي مسافر جي جاچ پڙتال کانپوءِ بعد آف لوڊ ڪيو، اميگريشن اختيارين موجب جوابدار ظهير احمد جعلسازي ۽ فراڊ ذريعي پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪيو. جوابدار ڪم لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو هو. شڪ جي بنياد تي جوابدار جا سفري دستاويز چيڪ ڪيا ويا، ايف آءِ اي اختيارين موجب امڪان آهي ته مسافر جعلي ڊڪليئريشن ذريعي پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪيو، وڌيڪ تصديق کانپوءِ جوابدار قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سيل ڪراچي منتقل ڪيو ويو.